نگر ضلعو(انگريزي: Nagar District ) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي گلگت ڊويزن جو ھڪ ضلعو آهي. جنھن جي صدر مقام نگرخاس شھر آھي[1]. ھي ضلعو پھرين ھنزہ نگر ضلعو جو حصو ھيو جنھن کي 2015ع م ٽوڙي ٻہ ضلعا: ھنزہ ضلعو ء نگر ضلعو قائم ڪيا ويا. نگر ضلعي جي اتر ۽ اتراوڀر پاسن کان ھنزہ ضلعو، ڏکڻ اوڀر ۾ شگر ضلعو، ڏکڻ ۾ گلگت ضلعو ۽ اولھ ۾ گوپيس-ياسين ضلعو واقع آهي.

نگر ضلعو
Nagar District
گلگت بلتستان جو ضلعو
نگر وادي مان رڪاپوشي جو منظر
نگر وادي مان رڪاپوشي جو منظر
گلگت بلتستان جي نقشي م نگر ضلعو نمايان ڏيکاريل
گلگت بلتستان جي نقشي م نگر ضلعو نمايان ڏيکاريل
ملڪ پاڪستان
انتظامي يونٽ گلگت بلتستان
ڊويزن گلگت ڊويزن
صدر مقام نگرخاس
پکيڙ
 • ڪل 5,000 ڪ.م2 (2,000 ميل2)
آبادي (1998)[حوالو گهربل]
 • ڪل 51,387

تاريخ سنواريو

اينگلو بروشو جنگن 1889–1892 کان پوءِ نگر وادي وارو علائقو برطانوي تسلط ۾ آيو ۽ ڪشميري درٻار جي ماتحتي وارو علائقو بڻجي ويو پر ان تي نگر جي شاھي خاندان جو راڄ برقرار رھيو. پاڪستان ٺھڻ بعد بہ ان جو پرنسلي اسٽيٽ وارو درجو برقرار رھيو. 1974ع م ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت قبائلي علائقن واري ڪائونسل قائم ڪري مقامي ماڻھن کي نمائندگي جو جمھوري حق ڏنو جنھن کي بعد م گلگت بلتستان ليجسليٽو اسيمبلي ۾ تبديل ڪيو ويو.

تحصيلون سنواريو

ھن ضلعي ۾ ڪل ٻہ تحصيل آھن جن م تحصيل نگر I ۽ تحصيل نگر II شامل آهن[2]. اپر نگر جا شھر ۽ ڳوٺ شايار، اسڪردس، سمايار، نگرخاس، ھوپر وادي ۽ ھسپار تحصيل نگر I ۾ واقع آهن. لوئر نگر جا شھر ۽ ڳوٺ چلت، بلادس، چپروٽ، سڪندر آباد، جعفرآباد، نلٽ، مناپن، ٺول، غلميٽ، پسان، مئيڇر، ڦيڪار، ڊاڍمال ۽ ھڪوڇر تحصيل نگر II ۾ واقع آهن.

سياسي نمائندگي سنواريو

ھن ضلعي جي گلگت بلتستان ليجسليٽو اسيمبلي م نمائندگي ٻن ھيٺين تڪن جي آھي:

  • جي بي ايل اي 4 (تحصيل نگر II)
  • جي بي ايل اي 5 (تحصيل نگر I)

سياحتي مرڪز سنواريو

نگر وادي کي اڳي بروشل سڏيندا هئا. ان جي بلندي سطح سمنڊ کان 2688 ميٽر (8822 فٽ) آھي. غلميٽ، مناپن، بار، چپروٽ ۽ ھوپر واديون نگر ضلعي جا قدرتي منظرن وارا سياحتي مرڪز آھن. ھن ضلعي جي حدن م دنيا جي وڏين چوٽين مان ھڪ راڪاپوشي واقع آهي جيڪا 7788 ميٽر (25,561) فوٽ بلند آھي. ان کان سواءِ ديرن، سپينٽڪ يا گولڊن پيڪ پڻ اتي واقع آهن.

حوالا سنواريو

  1. "Dividing governance: Three new districts notified in G-B". Express Tribune. Express Tribune. حاصل ڪيل 12 April 2017. 
  2. "GEOGRAPHY & DEMOGRAPHY OF GILGIT BALTISTAN".