ديھ نٿر(انگريزي: Deh Nathar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.

نٿر (قمبر)
ديھ نٿر
ديھ
Deh Nathar
نٿر (قمبر) is located in سنڌ
نٿر (قمبر)
نٿر (قمبر)
نٿر (قمبر) is located in Pakistan
نٿر (قمبر)
نٿر (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°32′33″N 68°02′49″E / 27.54250°N 68.04694°E / 27.54250; 68.04694مڪانيت: 27°32′33″N 68°02′49″E / 27.54250°N 68.04694°E / 27.54250; 68.04694
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 2,571

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1889 کان 1890ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏنو تونيو، ڳوٺ مسو ڀٽو، ڳوٺ خير محمد ميتلو، مغيرين جو ڳوٺ ۽ ھڪ ڏنو تونيو جي لڳ اولھ پاسي ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. 1889ع ۾ لاڙڪاڻو کان خيرپور جاگير (ھاڻي: خيرپور جوسو) روڊ ھن ديھ جي ڏاکڻي دنگ کان گذرندڙ ھيو ھاڻي اھو روڊ ڪانھي ۽ بعد م لاڙڪاڻي وڳڻ روڊ ديھ کان ڪافي فاصلي تي ٺھيو جيڪو خيرپور جوسو کان گذرندڙ آھي. ھاڻي ھن ديھ م ڳوٺ علي شير تونيو، ڳوٺ خير محمد ميتلو، آرائين مسو، ڳوٺ راول مياڻي ۽ ڳوٺ اعظم واقع آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ آبڙي ء ديھ رتوڪوٽ، اوڀر ۾ ديھ رتوڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو تعلقو، اولھ ۾ ديھ شريفاڻي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ خيرپور جوسو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,571 ھئي جيڪا 412 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]