نيو ميڪسيڪو
نيو ميڪسيڪو (انگريزي: New Mexico، اسپيني: Nuevo México ( ٻُڌو)، نواجو: Yootó Hahoodzo) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ ٽيڪساس، اولھ ۾ ايريزونا، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في (Santa Fe) آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. البقرقي (Albuquerque) ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ( Rio Grande) ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھن.[7]
نيو ميڪسيڪو (New Mexico) Nuevo México (اسپيني)، Yootó Hahoodzo (نواجا) | |||
---|---|---|---|
State | |||
نيو ميڪسيڪو جي رياست | |||
| |||
عرفيت: جادوئي نگري (The Land of Enchantment) | |||
نعرو: Crescit eundo (انگريزي ٻولي: It grows as it goes) | |||
ترانو: "O Fair New Mexico" and "Así Es Nuevo México" | |||
Map of the United States with نيو ميڪسيڪو (New Mexico) highlighted | |||
Country | United States | ||
Before statehood | نوئيوو ميڪسيڪو (Nuevo México) (1598–1848) نيو ميڪسيڪو وارو علائقو (1850–1912) | ||
Admitted to the Union | 6 جنوري، 1912ع (ستيتاليھين رياست) | ||
Capital | سانتا في (Santa Fe) | ||
Largest city | البڪرڪي (Albuquerque) | ||
Largest metro and urban areas | گريٽر البڪرڪي (Greater Albuquerque) | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 121,591[1] ميل2 (314,918 ڪ.م2) | ||
• زميني | 121,298[1] ميل2 (314,161 ڪ.م2) | ||
• آبي | 292[1] ميل2 (757 ڪ.م2) 0.24% | ||
پکيڙ ۾ درجو | 5th | ||
Dimensions | |||
• ڊيگھ | 371 mi (596 kميل) | ||
• ويڪر | 344 mi (552 kميل) | ||
بلندي | 5,701 ft (1,741 ميل) | ||
بلند ترین پیمائش (Wheeler Peak[2][3][4]) | 13,161 ft (4,011.4 ميل) | ||
گھٽ ترین پیمائش (Red Bluff Reservoir on Texas border[3][4]) | 2,845 ft (868 ميل) | ||
آبادي (2020) | |||
• ڪل | 2,120,220 |
نيو ميڪسيڪو جون رياستي علامتون | |
---|---|
نيو ميڪسيڪو جو جھنڊو | |
نيو ميڪسيڪو جي مھر | |
زندہ علامتون | |
پکي | Greater roadrunner |
مڇي | Rio Grande cutthroat trout |
گل | Yucca |
گاھ | Blue grama |
جيت | Tarantula Hawk Wasp |
مئمل | American black bear |
ڪرڙانگ جانور | New Mexico whiptail |
وڻ | Two-needle piñon |
بي جان علامتون | |
رنگ | Red and yellow |
کاڌو | Chile peppers, pinto beans, and biscochitos |
پنڊ پهڻ | Coelophysis |
قيمتي پٿر | Turquoise |
State route marker | |
State quarter | |
Released in 2008 | |
Lists of United States state symbols |
ھن رياست جي معاشي ذريعن ۾ تيل، معدني شيون، زراعت، ڪاٺ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٿيندڙ کوجنا، سياحت ۽ ٽيڪسٽائل جون صنعتون شامل آھن. 2020ع ۾ ھتان جي مجموعي گھرو پيداوار 95.73 بلين ڊالر ۽ في ماڻھو مجموعي گھرو پيداوار 46،300 ڊالر ھئي.[8],[9] ھتان جي فلمي صنعت بہ ملڪ جي وڏين صنعتن مان ھڪ آھي.[10] ھن رياست ۾ ڪيتريون ئي فوجي ڇانوڻيون موجود آھن ۽ ھٿيارن ۽ فوجي سازوسامان ٺاھڻ جون صنعتون پڻ قائم آھن. ھن ئي رياست ۾ آمريڪا جي پھرئين ائٽمي بم جو ٽيسٽ طور ڌماڪو ڪيو ويو ھو.
تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ ھن علائقي ۾ اصلوڪن آمريڪي ماڻھن جا مختلف قبيلا آباد ھئا.[11] سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي اسپين کان آيل سياح پھتا جن ھن علائقي ۾ پنھنجيون وسنديون قائم ڪيون. انھن ماڻھن ھن علائقي کي Nuevo México نالو ڏنو[12] جيڪو اڳتي ھلڪي نيو ميڪسيڪو ٿي ويو. 1521ع ۾ اسپين مان آيل ماڻھن ھن علائقي کي ”نيو اسپين“ جو نالو ڏئي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. 1821ع ۾ ھي علائقو ميڪسيڪو جي خودمختيار رياست جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ ميڪسيڪو آمريڪا جنگ کان پوءِ ھن علائقي کي آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ شامل ڪيو ويو. 6 جنوري 1912ع تي نيو ميڪسيڪو کي آمريڪا جي 47ھين رياست بنايو ويو.
نيو ميڪسيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن مان اھا رياست آھي جنھن جي رھواسين جي اڪثريت اسپيني ۽ لاطيني نسلن سان واسطو رکي ٿي. ھتي اصلوڪا آمريڪي بہ چڱي تعداد ۾ آباد آھن.
جاگرافي
سنواريونيو ميڪسيڪو رياست جي پکيڙ 314،900 چورس ڪلوميٽر (121,590 چورس ميل) آھي. ھيءَ رياست پکيڙ جي لحاظ کان الاسڪا، ٽيڪساس، ڪيليفورنيا ۽ مونٽانا کان پوءِ آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي. ھن جي اوڀر واري سرحد 1030 اولھ ڊگھائي ڦاڪ تي اوڪلاھاما سان ۽ 1030اولھ ڊگھائي ڦاڪ کان ساڍا ٽي ڪلوميٽر اولھ ۾ ٽيڪساس سان ملي ٿي. ڏکڻ ۾ ھن جي 2/3 سرحد ٽيڪساس سان ۽ باقي 1/3 سرحد ميڪسيڪو سان ملي ٿي. ھن جي اولاھين سرحد 1090'3 اولھ ڊگھائي ڦاڪ تي ايريزونا سان ملي ٿي. ھن رياست جي ڏکڻ اولھ واري سرحد کي بوٿيل (Bootheel) سڏيو وڃي ٿو. اتر ۾ ھن جي سرحد ڪولوراڊو سان وڃي ملي ٿي.
جيتوڻيڪ ھن رياست جي سرزمين جو وڏو حصو ريگستاني آھي پر ھن رياست ۾ قدرت جا ڪئين نظارا ڏسي سگھجن ٿا. ڀوري رنگ جا ريگستان، چھچ سائي رنگ جا چراگاھ، برف سان ڍڪيل اوچن جبلن جون چوٽيون ۽ ڇڙوڇڙ ننڍا جبل ماڻھوءَ جو من موھي وجھن ٿا. ھن رياست جي قدرتي حسن کي ڏسندي ماڻھو پيار مان ھن رياست کي جادوئي نگري ڪوٺين ٿا. ھن رياست جو آٽڪل ٽيون حصو، خاص طور تي اتريون حصو جابلو علائقي ۾ گھاٽن ٻيلن سان ڍڪيل آھي، جڏھن تہ ڏاکڻيون حصو ريگستاني آھي. نيو ميڪسيڪو جي اتر اولھ ۾ ڪولوراڊو جو مٿاھون پٽ واقع آھي جنھن ۾ خشڪ چراگاھ، جھنگلي ٻوٽن سان ڀريل ميدان، ٻرندڙ جبل ۽ گھاٽا جابلو ٻيلا ڏسي سگھجن ٿا.
ھن رياست جي سرزمين سراسري طور تي سامونڊي مٿاڇري کان 25،00 ميٽر (8000 فوٽ) مٿي آھي. ھن رياست جي اوچي ۾ اوچي پھاڙي چوٽيءَ جو نالو ويلر پيڪ (Weeler Peak) آھي جنھن جي اوچائي 4011 ميٽر (13160) فوٽ آھي.
ريو گرانڊي ندي آمريڪا جي گڏيل رياستن جي چوٿين وڏي ندي آھي جيڪا ھن رياست جي مرڪزي علائقي مان گذري ميڪسيڪو واري نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ان کان علاوھ پيڪوز (Pecos)، ڪئنيڊين (Canadian)، سين جئان (San Juan) ۽ گيلا (Gila) ھن رياست جون وڏيون نديون آھن. ھن رياست ۾ ڪيتريون ئي ھٿرادو ڍنڍون پڻ آھن جن مان ايليفينٽ بيوٽ رزروائزر (Elephant Butte Reservoir) خاص ذڪر جي لائق آھي.
تاريخ
سنواريونيو ميڪسيڪو واري علائقي ۾ انساني آباديءَ جي شروعات اڄ کان اٽڪل يارھن ھزار سال پھرين ٿي. انھيءَ دور جي ثقافت کي ڪلوويس ثقافت (Clovis Culture) سڏيو وڃي ٿو.[13] ھو پٿرن کي گھڙي تيز نوڪدار تير ٺاھي جانورن جو شڪار ڪندا ھئا. ھنن جون عورتون ھڏن ۽ عاج مان ٺھيل زيور پائينديون ھيون. اھي ماڻھو شايد اصل ۾ سائبيريا واري علائقي مان ھجرت ڪري اتر آمريڪا پھتا، جتان وري ھو نيو ميڪسيڪو واري علائقي تائين پھتا. انھن ماڻھن کي تاريخ ۾ پيليو انڊين (Paleo-Indians) يا پيليو آمريڪي (Paeo-American) سڏيو ويو آھي. اڳتي ھلي ھتي منگولون ثقافت (Mongolon Culture) رائج ٿي. انھيءَ ثقافتي دور ۾ ماڻھن ٺڪر جا ٿانو ٺاھڻ سکي ورتا ھئا ۽ انھن ٿانون تي خوبصورت چٽسالي بہ ڪندا ھئا. ھو ننڍن ننڍن ڳوٺن جي صورت ۾ ھڪٻئي سان گڏجي رھندا ھئا.[14]
پھريان يورپي اسپين کان آيا جن سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي اچي خيما کوڙيا. ھنن ھن علائقي ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي جنھن کي نيو اسپين نالو ڏنو ويو. اڳتي ھلي 1821ع ۾ ھي علائقو ميڪسيڪو جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ ھي علائقو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ شامل ڪيو ويو. ھي علائقو اصلوڪن آمريڪي ماڻھن، اسپين مان لڏي آيل يورپين ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٿيل جنگين ۽ نفرت جو ھڪ ڊگھي عرصي تائين شڪار رھيو. اھي نفرتون اڄ بہ ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ موجود آھن. نيو ميڪسيڪو کي 6 جنوري 1912ع تي آمريڪا جي 47ھين رياست جو درجو ڏنو ويو. ھتان جي اصلوڪن آمريڪين کي ھڪ ڊگھي عرصي تائين ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو.
ٻي عالگير جنگ کان پوءِ نيو ميڪسيڪو جي آباديءَ ۾ لاڳيتو واڌ ايندي رھي آھي. آمريڪي حڪومت ھتي ٽي وڏيون فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون آھن، جتي فوجي ھٿيارن ٺاھن جي بہ سھولت موجود آھي، پر ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ ھن رياست جي آبادي ڪافي گھٽ آھي. ھن وقت آباديءَ جي لحاظ کان ھيءَ آمريڪا جي 36ھين رياست آھي.
رنگ، نسل ۽ آبادي
سنواريوٰ2010ع ۾ نيو ميڪسيڪو جي آبادي 2,059,179 ماڻھن تي مشتمل ھئي. 2020ع ۾ اھا آبادي 2,117,522 ٿي وئي. انھن ڏھن سالن ۾ آباديءَ ۾ واڌ جو تناسب فقط %2.8 رھيو. ھي سمورين آمريڪي رياستن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گھٽ تناسب آھي.[15] ھن رياست ۾ ٻاھران لڏي آيل ماڻھن جو تناسب تمام گھٽ آھي ۽ ڄم جو تناست بہ ڪافي گھٽ آھي. ان ڪري ھن رياست جي ڪجهه شھرن جي آبادي وڌڻ جي بجاءَ گھٽجي وئي آھي. ھيٺ ھن رياست جي ڏھن وڏن شھرن جي فھرست ڏجي ٿي جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تہ ڏھن مان چئن شھرن جي آبادي وڌڻ جي بجاءِ گھٽجي وئي آھي.
ھن رياست جا اڌ کان وڌيڪ رھواسي ھسپانوي ۽ لاطيني نسلن سان واسطو رکن ٿا ۽ اسپيني ٻولي ڳالھائين ٿا. ھن رياست ۾ غربت جو تناسب %18.55 آھي. انھيءَ لحاظ کان ھيءَ رياست مسيسيپي (Mississippi) ۽ لئيزيانا (Louisiana) کان پوءِ سڀ کان غريب رياست آھي. ّخاص طور تي ھتي رھندڙ اصلوڪا آمريڪي ۽ آفريقي آمريڪي (شيدي) ڪافي حد تائين غريب آھن.
2020ع جي انھن اکرن مطابق ھتان جا %56.6 رھواسي اسپيني ۽ لاطيني نسلن مان آھن، جڏھن تہ %26.8 ماڻھو اڇي چمڙيءَ وارا غير ھسپانوي (گورا) ، %11.1 اصلوڪا آمريڪي (ريڊ انڊين)، %1.8 ايشيائي ۽ %1.8 شيدي آھن.
ھن رياست ۾ سراسري طور تي ھڪ چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ فقط ڇھ ماڻھو رھن ٿا. ھيءَ رياست انتظامي طور تي 33 ڪائونٽيز (Counties) ۽ 106 ميونسپالٽين ۾ ورھايل آھي. رياست جي فقط ٻن شھرن البڪرڪي (Albuquerque) ۽ لاس ڪروسيس (Las Cruces) جي آبادي ھڪ لک کان وڌيڪ آھي. رياست جي اڪثر آبادي البڪرڪي ۽ ان جي آسپاس واري علائقي ۾ وسيل آھي. اڪثر اصلوڪا آمريڪي ھن رياست جي دور دراز علائقن ۾ ڳوٺن يا ننڍن شھرن ۾ رھن ٿا.
نمبر | شھر جو نالو | آبادي | ||||
---|---|---|---|---|---|---|
2010 | 2022 | تبديلي
(سيڪڙو) |
گهاٽائي
(في چورس ميل) |
پکيڙ
(چورس ميل) | ||
1 | ايلبقرقي (Albuquerque) | 546,755 | 563,165 | 3.00% | 3,008 | 187.22 |
2 | لاس ڪروسس (Las Cruces) | 98,284 | 105,292 | 7.13% | 1,369 | 76.93 |
3 | ريو رينچو (Rio Rancho) | 87,977 | 102,766 | 16.81% | 994 | 103.42 |
4 | سانتا في (Santa Fe) | 81,012 | 86,099 | 6.28% | 1,648 | 52.23 |
5 | روزويل (Roswell) | 48,463 | 47,608 | 1.76%- | 1,602 | 29.72 |
6 | فرمنگٽن (Farmington) | 46,042 | 42,731 | 7.19%- | 1,240 | 34.46 |
7 | ھوبس (hobbs) | 34,088 | 42,057 | 23.38% | 1,593 | 26.40 |
8 | سائوٿ ويلي (South Valley) | 40,976 | 40,080 | 2.19%- | 1,381 | 29.02 |
9 | ڪلوويس (Clovis) | 38,278 | 37,488 | 2.06%- | 1,588 | 23.61 |
10 | الاموگورڊو (Alamogordo) | 30,679 | 33,111 | 7.93% | 1,548 | 21.39 |
آبھوا
سنواريونيو ميڪسيڪو پنھنجي وڻندڙ آبھوا جي ڪري سڄي آمريڪا ۾ مشھور آھي. مجموعي طور تي ھن رياست جي موسم ڪجهه علائقن ۾ خشڪ تہ ڪجهه علائقن ۾ وري نيم خشڪ آھي، جڏھن تہ جابلو علائقن ۾ براعظمي ۽ الپائن آھي. ھن رياست ۾ سال ۾ سراسري طور تي 350 ملي ميٽر (13.7 انچ) مينھن وسي ٿو. ساليانو گرميءَ جو درجو 40C (400F) (اتريون جابلو علائقو) کان 180C (650F) (ڏکڻ اوڀر وارو علائقو) ٿي سگھيٿو.[17]
سٺي موسم ۽ گھٽ آباديءَ جي ڪري ھن رياست جي فضا گدلاڻ کان گھڻي حد تائين پاڪ آھي جنھن ڪري آسمان ۾ تارا صاف ڏسڻ ۾ ايندا آھن، انھيءَ ڪري ھن رياست ۾ خلائي کوجنا لاءِ آمريڪا جي گڏيل رياستن جون ڪجهه وڏيون مشاھدي گاھون (Astrnomical Observatories) قائم ڪيون ويون آھن.[18]
ماحولياتي ۽ زميني تحفظ
سنواريوھن رياست جي 77.8 ملين ايڪڙ زمين مان 14.7 ملين ايڪڙ زمين آمريڪا جي مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي. ھن رياست ۾ نو وڏا قومي يادگار (National Monuments) قائم ٿيل آھن.
ڪارسن قومي ٻيلو (Carson National Forest) | |
سيبولا قومي ٻيلو (Cibola National Forest) | |
لنڪن قومي ٻيلو (Lincoln National Forest) | |
سينٽا في قومي ٻيلو (Santa Fe National Forest) | |
گيلا قومي ٻيلو (Gila National Forest) | |
گيلا جو بيابان (Gila Wilderness) |
ڪولوراڊو قومي ٻيلو
ان کان علاوہ ڪيترائي يادگار، پارڪ، چراگاھ ۽ ٻيا علائقا سرڪاري سرپرستيءَ ھيٺ قائم ڪيا ويا آھن.
معيشيت
سنواريوھن رياست جي آمدنيءَ جا ٽي وڏا ذريعا تيل ۽ گئس جي پيداوار، سياحت ۽ مرڪزي حڪومت کان ملندڙ سرڪاري گرانٽ آھن. 2021ع ۾ ھتان جي مجموعي گھرو اپت (Gross Domestic Product) اٽڪل 95 بلين ڊالر ھئي[20]، جڏھن تہ في ماڻھو ذاتي اپت (per capita personal income) 45،800 ڊالرن کان ٿورو وڌيڪ ھئي.[21]
آمريڪا جي گڏيل رياستن مان تيل جي پيداوار ۾ ھيءَ ٻي وڏي رياست ۽ گئس جي پئداوار ۾ نائين وڏي رياست آھي. سياحت ھتان جي وڏين صنعتن مان ھڪ آھي.
اچ وڃ جا ذريعا
سنواريوھن رياست جا سمورا شھر روڊ ۽ ريل وسيلي ھڪٻئي سان ۽ ڀروارين رياستن سان ڳنڍيل آھن. ھن رياست ۾ چار وڏا ھوائي اڏا آھن جن مان البڪرڪي بين الاقوامي ھوائي اڏو ۽ سينتا في ھوائي اڏو خاص اھميت رکن ٿا. ڪجهه ٻين ھنڌن تي ننڍا ننڍا ھوائي اڏا موجود آھن. ھن رياست کي اھو اعزاز حاصل آھي تہ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو پھريون خلائي اڏو (Spaceport) ھن رياست ۾ قائم ٿيو. ھتان ڪيترائي راڪيٽ ۽ خلائي جھاز خلائي سفر تي روانا ٿيندا رھيا آھن ۽ اھو سلسلو جاري آھي.
اعليٰ تعليم
سنواريوھن رياست ۾ ھيٺيون يونيورسٽيون قائم ٿيل آھن:
- يونيورسٽي آف نيو ميڪسيڪو، البڪرڪي
- نيو ميڪسيڪو اسٽيٽ يونيورسٽي، لاس ڪروسيس
- نيو ميڪسيڪو انسٽيٽيوٽ آف مائننگ اينڊ ٽيڪنالاجي، سوڪورو
- ايسٽرن نيو ميڪسيڪو يونيورسٽي، پورٽيلس
- نيو ميڪسيڪو ھائيلينڊس يونيورسٽي، لاس ويگاس
- ويسٽرن نيو ميڪسيڪو يونيورسٽي، سلور سٽي
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 "United States Summary: 2010—Population and Housing Unit Counts" (PDF). U.S. Census Bureau. صفحو. 41. حاصل ڪيل March 14, 2020.
- ↑ "Wheeler". NGS data sheet. U.S. National Geodetic Survey. حاصل ڪيل October 24, 2011.
- ↑ 3.0 3.1 "Elevations and Distances in the United States". United States Geological Survey. وقت October 15, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 24, 2011. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 4.0 4.1 Elevation adjusted to North American Vertical Datum of 1988.
- ↑ Neomexicano definition آرڪائيو ڪيا ويا June 27, 2018, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. by Royal Spanish Academy (Real Academia Española)
- ↑ "Most spoken languages in New Mexico in 2010". MLA Data Center. وقت May 23, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل November 4, 2012. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Centre, UNESCO World Heritage. "United States of America". UNESCO World Heritage Centre. Retrieved April 26, 2022.
- ↑ "U.S. federal state of New Mexico - real GDP 2000-2021". Statista. حاصل ڪيل 2022-04-26.
- ↑ "New Mexico: per capita real GDP 2000-2019". Statista. حاصل ڪيل 2022-04-26.
- ↑ "New Mexico's film industry has bounded back to near pre-pandemic levels - Albuquerque Journal". www.abqjournal.com. حاصل ڪيل 2022-04-26.
- ↑ Roberts, Calvin Alexander (2006). New Mexico. Susan A. Roberts (Rev. ed ed.). Albuquerque: University of New Mexico Press. ISBN 978-0-8263-4003-0. OCLC 62282068. https://www.worldcat.org/oclc/62282068.
- ↑ "Is New Mexico a State? Some Americans Don't Know" (en ۾). NPR.org. https://www.npr.org/templates/story/story.php?storyId=12512979.
- ↑ Murphy, Dan (2000). New Mexico, the distant land : an illustrated history. Sun Valley, Calif.: American Historical Press. ISBN 1-892724-09-X. OCLC 48256941. https://www.worldcat.org/oclc/48256941.
- ↑ Simmons, Marc (1988). New Mexico : an interpretive history. Albuquerque: University of New Mexico Press. ISBN 0-8263-1110-5. OCLC 18163771. https://www.worldcat.org/oclc/18163771.
- ↑ "U.S. Census Bureau QuickFacts: New Mexico". www.census.gov. حاصل ڪيل 2022-04-30.
- ↑ "Cities in New Mexico by Population (2022)". worldpopulationreview.com. حاصل ڪيل 2022-04-26.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2010-03-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2022-04-30
- ↑ "New Mexico's window to the stars - Albuquerque Journal". www.abqjournal.com. حاصل ڪيل 2022-04-30.
- ↑ "Find a Forest by State". USDA Forest Service. وقت June 22, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل March 20, 2010. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "U.S. federal state of New Mexico - real GDP 2000-2021". Statista. حاصل ڪيل 2022-04-30.
- ↑ "BBER-UNM: United States: Per Capita Personal Income". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-30.