مائي نور بانو (انگريزي:Mai Noor Bano) سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪار هئي. سندس ڪيترائي ڳايل گيت مشهور ٿيا.

زندگي جو احوال سنواريو

نور بانو ذات جي گوپانگ هئي. سندس پيءُ جو نالو محمد سليمان هو. هيءُ 1942ع ۾ ڳوٺ مٺو خان گوپانگ تلهار تعلقو بدين ضلعو سنڌ ۾ پيدا ٿي.[1]

فن جي ابتدا سنواريو

نور بانو کي ننڍپڻ کان ڳائڻ جو شوق هوندو هو. هوءَ لاڏا ۽ سهرا ڳائيندي هئي. ٿورو پڙهيل پڻ ھئي. سندس والد اباڻو ڳوٺ ڇڏي تلهار شهر ۾ اچي ويٺو.علي محمد راشدي ۽ حسام الدين راشدي جي توسط سان سيد وڏل شاھ جي معرفت 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس ڳايل گيت نشر ٿيڻ لڳا. هن استاد مٺو ڪڇي کان باقاعدي گائيڪي جو فن سکيو. 1970ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي رجسٽر فنڪار طور ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ ڏهاڪن تائين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيائين. سندس ڳاتل ڪيترائي لوڪ گيت مشهور ٿيا. سندس ڳايل لوڪ ڳيت منهنجا مائٽ ايندا مونکي ڏوري ڏسندا ۽ منهنجن مائٽن جون الا ٻوليون سڃاڻان وڌيڪ مقبول ٿيا.[1][2]

وفات سنواريو

نور بانو 14 فيبروري 1999ع ۾ وفات ڪري وئي.

حوالا سنواريو