نظير حيات سيوهاڻي

نظير حيات سيوهاڻي[1] والد رسول بخش سومرو جو جنم 1960ع ۾ ٿيو، سندس تعليم ايم اي آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. پاڻ تاريخ جو ڄاڻو. سٺو مقرر ۽ بهترين پرائمري استاد آهي. ۽ سندس نئين زندگي مقالا ۽ مضمون ٽه ماهي مهراڻ (سنڌي ادبي بورڊ) عبرت مئگزين، ڪينجهر، پيغام، ۽ بين رسالن ۾ پڻ لکندو رهيو آهي، اخباري ڪالم عبرت، هلال پاڪستان، شام، عوامي آواز ۾ پڻ لکندو رهيو آهي. تازو سندس ڪتاب: “سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري” ڇپيو آهي تحقيق ۽ تاريخ سان سندس دلچسپي آهي سيوهڻ جو سٺو سماجي ورڪر ۽ انسان دوست شخص آهي سندس جو شمار سيوهڻ جي سٺي استادن ۾ ٿئي ٿو اسڪولن ۾ اسٽيج ڊرامن لاءِ سٺيون ڪهاڻيون لکي وٺندو آهي اسڪولن ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهي ٿو

نظير حيات سيوهاڻي
مقامي ٻوليء ۾ نالو نظير حيات سيوهاڻي
پيدائش 1960ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني

حوالا سنواريو

  1. "نظير حيات سيوهاڻي (ولادت 1960ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-05.