نصيرآباد ديھ
ديھ نصيرآباد(انگريزي: Deh Nasirabad) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تپي ۾ واقع آهي.
(نصيرآباد) ديھ نصيرآباد | |
---|---|
ديھ نصيرآباد | |
Deh Nasirabad | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°22′47″N 67°55′04″E / 27.37972°N 67.91778°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 41,478 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ نصيرآباد جنھن لڳ مختيار ڪار جي آفيس، ڍڪ، عيدگاھ، ڳوٺ ساماڻو مسڻ، تاج خان وارو مقام، ڳوٺ اوڊھر مسڻ، پير شير محمد جو مقام، ڳوٺ ننگر جھتيال، ڳوٺ لورو مسڻ، ڳوٺ راضي جھتيال، ڳوٺ پڙمل جنھن سان لڳولڳ وليداد جو مقام ۽ ڳوٺ الھندو مسڻ، ابڙن جو ڳوٺ واقع ھيا[2]. انھن مان گھڻا ڳوٺ ھاڻي غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن. نصيرآباد ڳوٺ ھاڻي نصيرآباد شھر بڻجي چڪو آهي. چيلو واھ پڻ اتان وھندڙ ھيو[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ نصيرآباد شھر، پڙمل، ڳوٺ پنھور ۽ رحمت پور واقع آهن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ مرادي، اوڀر ۾ ديھ لائق پور ۽ ديھ ڪاٺيا بازار، اولھ ۾ ديھ لاکا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چنجڻي، ديھ آڏي لاشاري ۽ ديھ مڱيو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. نصيرآباد مان باڊھ، وارھ، وڳڻ، ميھڙ، لاڙڪاڻو ۽ گاجي کھاوڙ طرف روڊ واقع آهن. ديھ ۾ نصيرآباد شھر تعلقي نصيرآباد جو صدر مقام آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 41,458 ھئي جيڪا 7,223 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ان سال ٻھراڙيءَ جي آبادي 3,681 ھئي جيڪا 745 خاندانن تي مشتمل ھئي ۽ شھري آبادي نصيرآباد شھر واري ھئي جيڪا 37,777 ھئي ۽ 6,478 خاندانن تي مشتمل ھئي.
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ 2.0 2.1 [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]