شهيد(انگريزي: Martyr ) جي اصل معنيَ آهي گواھ. ان مان مراد اھو شخص آھي جيڪو پنھنجي ايمان جي صداقت تي پنھنجي زندگي جي پوري طرز عمل جي شھادت ڏئي[1]. الله جي راھ ۾ وزھي جان ڏيڻ واري کي شھيد پڻ ان جي ڪري چوندا آھن جو ھو جان ڏئي ثابت ڪندو آھي تہ جنھن چيز تي ايمان آندو ھئائين ان کي واقعي سچي دل سان حق سمجھندو ھو ۽ ان کي ايترو تہ عزيز سمجھندو ھو جو ان لاء جان قربان ڪرڻ جي پرواھ نہ ڪيائين[1]. اھڙن راستبازن کي بہ شھيد چوندا آهن جيڪي ايتري قدر اعتماد جي قابل ھجن جو جنھن چيز تي آھي شھادت ڏين ان جو صحيح ۽ برحق ھجڻ بنا جھجھڪ جي تسليم ڪيو وڃي[1]. شھيد جي موت هڪ قوم جي حيات هوندي آهي.اسلام جي مطابق شهيد ان انسان کي چيو ويندو آهي جيڪو خالص الله جي راه ۾ ورهندي موت ماڻي.

شهيد جو زنده هجڻ سنواريو

قرآن مجيد سوره بقره آيت نمبر 154 ۾ آهي ته

جيڪي خدا جي راه ۾ ماريا وڃن انهن کي هر گز مردو نه چئو اهي زنده آهن اوهان کي خبر ڪونهي.[2]

حديث ء شهيد سنواريو

صحيح بخاري ڪتاب الجهاد والسير جلد نمبر پنج صفحو نمبر 150 ۾ آهي ته حضرت محمد فرمايو ته جنت جا سو درجا آهن جيڪي الله انهن انسانن لاءِ ٺاهيا آهن جيڪي ان جي راه ۾ جهاد ڪندا آهن.[3]

اسلام جا پھريان شھيد سنواريو

اسلام جي پھريون شھيد مرد ۽ پھرين شھيد عورت حضرت عمار بن ياسر جو پيءُ ياسر ۽ ماء اسماء ھيا.

حضرت عمر جي خواهش سنواريو

صحيح بخاري ڪتاب الجهاد والسير جلد نمبر پنج صفحو نمبر 146 باب نمبر 3 ۾ آهي ته حضرت عمر دعا ٿو گهري ته الله پاڪ مونکي نبي جي شهر ۾ شهادت عطا ڪر.[3]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 370
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-03-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2015-12-24 
  3. 3.0 3.1 http://www.alislam.org/urdu/bukhari/Bukhari-v5.pdf