آپا نذير ناز (انگريزي:Apa Nazir Naz) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار، نثر نويس، عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ پبلشر آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]

خدمتون سنواريو

آپا نذير ناز 15 مارچ 1953ع تي جنم ورتو.[2] هن ننڍپڻ کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعري سان گڏ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. هن مضمون به لکيا آهن ته کوڙ ڪتابن جا مهاڳ به لکيا آهن.[3] سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون[4] سنڌي ٻولي جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن. سندس لکڻيون سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، عبرت مئگزين ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. نذير ناز پنهنجي ناري پبليڪيشن طرفان ڪيترائي لاڀائتا ادبي ڪتاب شايع ڪيا آهن.[5] هيءُ سنڌي عورت تنظيم جي پليٽ فارم تان عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. مئڊم نذير ناز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي پڻ رهي آهي.[6]

حوالا سنواريو