ناڪام قومي رياستون، فيلڊ نيشن اسٽيٽس (Failed Nation States) جو اصطلاح ”سرد جنگ“ واري دور کان پوءِ دنيا جي اُنهن رياستن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي شهرين جي جان جو بچاءُ ۽ ٻيون بنيادي انساني سهولتون ڏيڻ کان لاچار آهن. اها صورتحال نسلي متڀيد، گروهي تڪرارن، نسل پرستي، فوجي طاقت جي واڌ ۽ علائقائي تڪرارن ڪارڻ پيدا ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ اڳوڻي يوگو سلاويا، هئٽي، صوماليا، سوڊان، لائبيريا، ڪمبوڊيا، روانڊا، زائر، سيريا لون ۽ افغانستان ۾ هلندڙ گهرو لڙائي ۽ انتشار کي مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. اهي ملڪ ”سرد جنگ“ دوران ٻنهي عالمي طاقتن جي مالي فوجي، ۽ معاشي امداد جي سهاري هلندا هئا، پر ”سرد جنگ“ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ اهڙا ملڪ پنهنجي وسيلن ۽ سرشتن جي سهاري پاڻ تي ڀاڙي نٿا سگھن. بين الاقوامي معاملن جي مشهور ماهر آر- ڊي ڪئپلان موجب: ٽين دنيا جا گهڻا ئي ملڪ سگهارين مرڪزي حڪومتن کان وانجھيل هئڻ ڪري قبائلي ۽ علائقا سطح جي اختيارين جي ور چڙهيل آهن ۽ اتي هٿيار بند جھيڙن، بيمارين ۽ ٻين سماجي مسئلن جي ڀرمار لڳي پئي آهي، جنهن ڪري روايتي سياسي جاگرافيائي تبديليون اچي رهيون آهن ۽ ٽين دنيا جا ملڪ ننڍڙين غير پائيدار، ڪمزور ۽ جهيڙيڪار شهري رياستن جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ڪولڊ وار جي پڄاڻيءَ کان پوءِ آمريڪا طرفان پيش ڪيل ”نئين عالمي نظام“ ۾ ڪرايل خاطرين جي ابتڙ وڌيڪ انتشار ڏڦيڙ ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال کي جنم ڏنو آهي ۽ ان دور جون سگھاريون رياستون اڄوڪي دور ۾ وڏن گهوٽالن جي ور چڙهڻ ڪارڻ ناڪاميءَ ۽ تباهيءَ کي مُنهن ڏيئي رهيون آهن.[1]