نارٿ يارڪ شائر(انگريزي: North Yorkshire) انگلينڊ جي خطي يارڪ شائر ۽ ھمبر ۽ نارٿ ايسٽ انگلينڊ جي خطن ۾ واقع ھڪ ڪائونٽي جو نالو جنھن ۾ يارھن ضلعا واقع آھن.2016 ۾ ھن ڪائونٽي جي آبادي جو تخمينو 602300 ھيو ان ۾ يارڪ، مڊل بورا، اسٽاڪٽن، ۽ ريڊڪار اينڊ ڪليولنڊ شامل نہ ھيا [3] ھي ڪائونٽي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ، 1972 تحت پھرين اپريل 1974 ۾ ٺاھي وئي.[4] ھن ڪائونٽي جي پکيڙ 8٬654 ڪلوميٽرزچورس (3٬341 sq mi) آھي ۽ اھا پکيڙ ۾ انگلينڊ جي سڀ کان وڏي ڪائونٽي آھي. ھن ڪائونٽي جي 40 سيڪڙو پکيڙ نيشنل پارڪن تي مشتمل آهي. ھن ڪائونٽي جا وڏي ۾ وڏا شھر مڊل بورا (174,700),[5] يارڪ (152,841),[6] ھروگيٽ (73,576) ۽ اسڪار بورا (61,749) آھن. ھن ڪائونٽي جي مڪاني ادارن ۾ خودمختيار وحداني اختياري واريون ڪائونسلون پڻ موجود آهن جن ۾ يارڪ شھر، مڊل بورا، ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ شامل آهن. [7]

نارٿ يارڪ شائر
ڪائونٽي
North Yorkshire within England
رياست يونائيٽيڊ ڪنگڊم
يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو ملڪ انگلينڊ
انگلينڊ جا خطا يارڪ شائر ۽ ھمبر ۽ ٿورڙو حصو نارٿ ايسٽ انگلينڊ
قيام جي تاريخ 1974
انگلينڊ جون رسمي ڪائونٽيون
ھاء شيرف مسز لنڊا فين وڪ[1] (2019–20)
علائقو 8٬608 km2 (3٬324 sq mi)
شمار 1st of 48
شمار of 48
آبادي جي گھاٽائي [اوزا تبديل: needs a number]
ماڻھن جا قسم 92.3% گورا
2.0% ڏکڻ ايشيائي
0.6% ڪارا
ڪائونٽي ڪائونسل ڪائونٽي جي ڪائونسل جو سرڪاري نشان

http://www.northyorks.gov.uk/
ايگزيڪيوٽو  
انتظامي صدر مقام نارٿيلرٽن[2]
علائقو 8٬053 km2 (3٬109 sq mi)
شمار 1st of 27
شمار of 27
گھاٽائي [اوزا تبديل: needs a number]
ISO 3166-2 GB-NYK
ONS code 36
NUTS UKE22

Districts of نارٿ يارڪ شائر
 وحداني 
ڪائونٽي ڪائونسل
انگلينڊ جا ضلعا #سيلبي
  1. ھروگيٽ بورا
  2. ڪري ون
  3. رچمنڊ شاير
  4. ھئمبليٽن
  5. رائيڊيل
  6. اسڪاربورا(بورا)
  7. سٽي آف يارڪ
  8. ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ
  9. مڊل بورا
  10. اسٽاڪٽن آن ٽيس (بورا) (ڏکڻ ٽيس جو حصو )

پاڙيسري ڪائونٽيون :ايسٽ رائڊنگ آف يارڪ شائر، سائوٿ يارڪ شائر، ويسٽ يارڪ شائر، لنڪاشائر، ڪمبريا ۽ ڪائونٽي درھم
پارليامينٽ جا رڪن *نائجل ايڊمز ڪنزرويٽو پارٽي (يو ڪي)
ٽائيم زون Greenwich Mean Time (UTC)
(روشني بچائڻ وارو ٽائيم ) برطانيا جو اونھاري وارو ٽائيم (UTC+1)

مڪاني حڪومت سنواريو

 
ڪائونٽي ھال، نارٿيلرٽن

انگلينڊ جي ھي غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽي جو انتظام نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ڪائونسل جي ڪابينہ ڪائونسل جي ذريعي ھلايو ويندو آهي..[8] ھن ڪائونٽي ڪائونسل جا 72 ڪائونسلر ڪائونسل جي اڳواڻ کي چونڊيندا آهن جيڪو 9 وڌيڪ ڪائونسلرن جي چونڊ ڪري ايگزيڪيوٽو ڪابينہ جوڙيندو آهي جيڪا ھن غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽي جي باري ۾ فيصلن ڪرڻ جي مجاز ھوڻدي آهي. ڪائونٽي ڪائونسل جي آفيس نارٿيلرٽن واري ڪائونٽي ھال ۾ واقع آهي. وحداني ڪائونسلون وري ھن اداري کان خودمختيار ھونديون آھن.

ضلعا سنواريو

ھن ڪائونٽي جي ضلعن متعلق تفصيل ھيٺ ڏنل چارٽ ۾ ڏجن ٿا.

شمار شھر آبادي (2011) بورا وضاحت ياداشت
1 يارڪ 198,051[9] سٽي آف يارڪ شھر وحداني اختياري ۾ ايندڙ علائقي جي آبادي


(يارڪ شھر جي آبادي) 153,717.

2 مڊل بورا 138,400[9] مڊل بورا بورا وحداني اختياري رڳو مڊل بورا جي علائقي تائين سڏبي آھي
وڏين شھري وسندين جي آبادي

174,700 تائين آھي

3 ھروگيٽ 73,576[9] ھروگيٽ شھر غير پارش وارڊن جو جھڳٽو
4 اسڪاربورا 61,749[9] اسڪاربورا شھر غير پارش وارڊن جو جھڳٽو
5 ريڊ ڪار 37,073[9] ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ شھر غير پارش وارڊن جو جھڳٽو
6 ٿارن بي ٽيز ندي وارو 24,741[9] اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) شھر وحداني اختياري
7 انگلبي باروڪ 20,378[9] اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) شھر وحداني اختياري
8 يارم ٽيز ندي وارو 19,184[9] اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) شھر وحداني اختياري
9 سيلبي 17,511[9] سيلبي شھري پارش (Civil Parish)
10 گسبرا 16,979[9] ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ شھر وحداني اختياري
11 نارٿيلرٽن 16,832[9] ھيمبلٽن شھري پارش ڪائونٽي وارو شھر
12 رپان 16,363[9] ھروگيٽ شھريپارش شھر
13 نيرسبرا 15,484[9] ھروگيٽ شھري پارش
14 اسڪپٽن 14,623[9] ڪري ون شھري پارش
15 وھٽبي 13,213[9] اسڪاربورا شھري پارش
16 رچمنڊ 8,413[9] رچمنڊ شائر شھري پارش
17 نورٽن 7,049[9] رائيڊيل شھري پارش
18 پڪرنگ 6,588[9] رائيڊيل شھري پارش
19 ٽئڊڪاسٽر 6,480[9] سيلبي شھري پارش

حوالا سنواريو

  1. "Privy Council Office-Appointment of Sheriffs". London Gazette. حاصل ڪيل 16 April 2019. 
  2. "North Yorkshire County Council : Contact us". www.northyorks.gov.uk. وقت 18 اپريل 2009 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 مئي 2009.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  3. "North Yorkshire population information". North Yorkshire County Council. وقت 15 July 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 July 2018. 
  4. Arnold-Baker, C., Local Government Act 1972, (1973)
  5. "Middlesbrough built-up area local area report". Nomis official Labour Market statistics. حاصل ڪيل 12 August 2018. 
  6. "York built-up area local area report". Nomis official Labour Market statistics. وقت 12 August 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 August 2018. 
  7. OPSI آرڪائيو ڪيا ويا 10 July 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – The North Yorkshire (District of York) (Structural and Boundary Changes) Order 1995
  8. "North Yorkshire County Council Constitution". North Yorkshire County Council. وقت 28 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 May 2010. 
  9. 9.00 9.01 9.02 9.03 9.04 9.05 9.06 9.07 9.08 9.09 9.10 9.11 9.12 9.13 9.14 9.15 9.16 9.17 9.18 "2011 Census – Built-up areas". ONS. وقت 21 September 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 August 2013.