مڊل بورا(انگريزي: Middlesbrough) (Listeni/ˈmɪdəlzbrə/ MID-əlz-brə) انگلينڊ جو ھڪ صنعتي شھر آھي.[1][2] جيڪو ٽيز ندي جي ڪناري تي نارت ايسٽ انگلينڊ جي خطيجي نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ۾ واقع آهي. ھي شھر 1830 ۾ قائم ٿيندڙ ٽيز وادي جي انتظامي خطي جو پڻ حصو آهي.[3] ھتان جي مقامي ڪائونسل ھڪ وحداني اختياري آھي جنھن کي مڊل بورا ڪائونسل سڏيندا آهن. يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي 2011 واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 138,400 آھي ۽ پسگردائيءَ وارين شھري آبادين کي ملائيدي 174,700 آھي جنھن سبب ھي شھر نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي جي ٻيون نمبر وڏو شهر آهي.[4] ھي شھر 1889 ۾ ڪائونٽي برا (ڪائونٽي جو ضلعو) بڻيو.1968 ۾ ھن ضلعي ۾ ڪجهه ٻيا علائقا شامل ڪري ٽيز ندي جي پاسي وارو ڪائونٽي برا بڻايو ويو. 1974 ۾ ان کي ڪليولنڊ ڪائونٽي ۾ شامل ڪيو ويو. 1996 ۾ ڪليولنڊکي ختم ڪيو ويو ۽ مڊل بورا جو ضلعو يا بورا ڪائونسل جي صورت ۾ ھڪ وحداني اختياري جوڙي وئي.1996 ۾ ھن شھر کي ان جي تاريخي ڪائونٽي يعني نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ۾ شامل ڪيو ويو.

مڊل بورا
Middlesbrough
وحداني اختياري
نعرو: Erimus ("اسان ھوندا سين" in Latin).
انگلينڊ جي نقشي ۾ نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ۾ مڊل بورا جو مقام ڏيکاريل
انگلينڊ جي نقشي ۾ نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ۾ مڊل بورا جو مقام ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 54°34′36″N 1°14′08″W / 54.5767°N 1.2355°W / 54.5767; -1.2355مڪانيت: 54°34′36″N 1°14′08″W / 54.5767°N 1.2355°W / 54.5767; -1.2355
خودمختيار رياست يونائيٽيڊ ڪنگڊم
يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو ملڪ انگلينڊ
خطو نارٿ ايسٽ انگلينڊ
رسمي ڪائونٽي نارٿ يارڪ شائر
بنياد 1830
انتظامي صدر مقام مڊل بورا ٽائون ھال
حڪومت
 • قسم وحداني اختياري
 • انتظامي ادارو مڊل بورا ڪائونسل
 • سربراھ ميئر ۽ ان جي ڪابينه
 • انتظاميہ ليبر پارٽي (يو ڪي)
 • ميئر
مڊل بورا ڪائونسل جو چيئرپرس
اينڊي پريسٽن (آزاد)
ليبر پارٽي جو اسٽيفن بلانڊيل leader_title4 = 2017 واري اليڪشن جو ميمبر پارليامينٽ
آبادي (2011 تخمينو)
 • ڪل 174,700

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Exhibition charts post-industrial areas". The Northern Echo (Newsquest (North East) Ltd). 15 May 2016. http://www.thenorthernecho.co.uk/news/14494214.Exhibition_charts_post_industrial_areas/. Retrieved 17 January 2018. 
  2. "Postindustrial society: Written By: Robert C. Robinson". Encyclopædia Britannica, Inc. حاصل ڪيل 17 January 2018. 
  3. "Central Middlesbrough". The Gazette (Trinity Mirror). http://www.gazettelive.co.uk/all-about/central-middlesbrough. Retrieved 12 February 2016. 
  4. "Area: Middlesbrough settlement (Built-up area subdivision) 2011 Census: Usual Resident Population". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 21 March 2017.