انگلينڊ جا خطا
انگلينڊ جا خطا يا علائقا(انگريزي: Regions of England )، جن کي پھرين سرڪاري آفيسن جا خطا سڏبو هو، انگلينڊ جي سڀ کان وڏي انتظامي ورھاست خطن ذريعي ٿيل آهي.[1][2] 1994 کان 2011 تائين انگلينڊ جي اھا انتظامي ۽ شمارياتي ۽ يورپي پارليامينٽ جي تڪن جي صورت ۾ ورھاست نو خطن ۾ ٿي چڪي آهي. لنڊن واري خطي ۾ چونڊيل ميئر ۽ لنڊن اسيمبلي آھن. ڇھن خطن ۾لوڪل اٿارٽي ليڊرس بورڊ باقي ٻن خطن ۾ ڪوبہ انتظامي ڪم وارو ادارو ڪانھي. پھرين اتي بہ لوڪل اٿارٽي ليڊرس بورڊ ھيا پر بعد ۾ انھن کي منسوخ ڪيو ويو. 1998 ۾ اٺن خطن ۾، لنڊن واري خطي کي ڇڏي، مقامي اٿارٽين کي حڪمت عملي وارا منصوبا ء سفارشون ڏيڻ لاء علائقائي چيمبر قائم ڪيا ويا.انگلينڊ جي خطن جا نالا ۽ تفصيل ھيٺ ڏنل چارٽ ۾ ظاهر ڪجن ٿا:
خطو | |
---|---|
ٻيا نالا: علائقو Region | |
قسم |
|
علائقو | انگلينڊ |
قيام | 1994 |
انگ | 9 |
وڌيڪ تعارف | اين يو ٽي ايس 1 انگلينڊ جا شمارياتي خطا يورپي پارليامينٽ جو تڪ |
آبادي | 2,596,886–8,634,750 |
ايراضي | 1,572–23,829 km² |
حڪومت | لوڪل اٿارٽي ليڊرس بورڊ وارا خطا (6) چونڊيل اسيمبلي وارا خطا (1 ) بغير انتظامي اداري وارا خطا (2) |
ذيلي تقسيم | غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽي (8) ميٽروپوليٽن ڪائونٽي (4) لنڊن جا ضلعا (1) |
انگلينڊ جا خطا:
هن ڀاڱي ۾ ڪنهن به ذريعي سان حوالا ناهين. مهرباني ڪري قابل اعتماد ذريعن وٽان حوالا ڏيو. بغيرحوالا واري مواد کي ڪنهن به وقت وڪيپيڊيا تان ختم ڪري سگهجي ٿو. |
نالو | آبادي | ڏھ سالہ واڌ جي سراسري 2011 جي آدمشماري |
خطو km² |
آبادي جي گھاٽاڻ /km² |
ساليانو گروس ميڊئن
|
آبادي جي دعوا جي سراسري آمدني ۾ ٽيڪو يا جي ايس اي (آگسٽ 2012) |
آگسٽ 2011 جي سراسري | سڀ کان وڏو شھري علائقو |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
سائوٿ ايسٽ انگلينڊ |
8,634,750 | 7.9% | 19,095 | 452.20 | 28,629 | 3.0% | 5.4% | پورٽس مائوٿ |
گريٽر لنڊن | 8,173,941 | 14.0% | 1,572 | 5199.71 | 35,069 | 5.3% | 10.1% | لنڊن |
نارٿ ويسٽ انگلينڊ | 7,052,177 | 4.8% | 14,165 | 497.86 | 25,229 | 5.3% | 10.4% | مانچسٽر |
ايسٽ آف انگلينڊ | 5,846,965 | 8.5% | 19,120 | 305.80 | 26,830 | 3.5% | 6.2% | نوروچ |
ويسٽ مڊلينڊز | 5,601,847 | 6.4% | 13,000 | 430.00 | 24,920 | 5.1% | 9.2% | برمنگھم |
سائوٿ ويسٽ انگلينڊ | 5,288,935 | 7.3% | 23,829 | 221.95 | 25,571 | 3.3% | 6.8% | برسٽل |
يارڪ شاير ۽ ھمبر | 5,283,733 | 6.4% | 15,420 | 342.65 | 24,999 | 5.2% | 9.3% | ليڊس |
ايسٽ مڊلينڊز | 4,533,222 | 8.7% | 15,627 | 290.09 | 25,027 | 4.2% | 7.7% | ليسٽر |
نارٿ ايسٽ انگلينڊ |
2,596,886 | 3.2% | 8,592 | 302.24 | 24,876 | 6.1% | 11.6% | نيو ڪاسل ، ٽائني وارو |
انگلينڊ | 53,012,456 | 7.88% | 130,420 | 406.55 | 27,487 | 4.45% | 8.32%[4] | لنڊن |
حوالا
سنواريو- ↑ Local government geography and history, Department for Communities and Local Government. Retrieved 23 November 2016.
- ↑ Regions (Former GORs), Guidance and Methodology, ONS. Retrieved 23 November 2016.
- ↑ "ASHE 1997 to 2014 selected estimates (Excel sheet 408Kb)". Office for National Statistics. حاصل ڪيل 17 December 2014.
- ↑ Key Statistics: Population; Quick Statistics: Economic indicators آرڪائيو ڪيا ويا 2003-02-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. (2011 census and 2001 census) Retrieved 2015-02-27.[مئل ڳنڍڻو]