نائون مل سيٺ _ هيءُ سيٺ هوتچند جو پٽ هو ڀوڄي مل جو پوٽو هو، جنهن ڪري هو ۽ هن جو اولاد اڄ تائين ڀوڄواڻي سڏجن ٿا. اصل هن جا وڏا خدا آباد جي ويجهو رهندا هئا. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هيءُ سيٺ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو ۽ سمنڊ جي رستي ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندو هو. ڪراچي تڏهن قلات جي خان جي هٿ ۾ هئي ۽ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هو، جنهن ۾ مهاڻن جا گهر هوندا هئا. جڏهن ٽالپرن ڪراچي هٿ ڪئي، تڏهن به هي سيٺ اُتي رهندو آيو. ميرنصيرخان جي ڏينهن ۾ جڏهن انگريز سرڪار پنهنجو لشڪر شاه شجاع جي مدد لاءِ سمنڊ جي رستي آندو ۽ ميرن هنن کي روڪ ڪئي، تڏهن سيٺ نائون مل انگريزن کي گهڻي مدد ڪئي ۽ جڏهن منوهڙي جو ڪوٽ ڊاهي زور سان ڪراچيءَ ۾ لهي درياهه جي رستي لشڪر وٺي ٿي آيا ۽ سرسات ملڻ ۾ هنن کي مشڪلات هئي، تڏهن سيٺ سرسات وٺڻ ۾ گهڻي مدد ڪَيَن. جڏهن انگريزن سنڌ کٽي، تڏهن سيٺ کي گهڻو مان ڏنائون ۽ جاگير به ڏنائون ۽ سي.ايس.آءِ جو خطاب به ڏنائون، جهڙو مير شيرمحمد خان کي ڏنو هئائون، جو ساڻن دٻي جي جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهيو هو.[1] نائو مَل 1804ع ۾ سنڌ جي شهر ڪراچي جي پاڙي کارادر ۾ ڄائو هو. نائو مل (Naaoo Mal) جو پتا (پيءَ) هوتچند پڻ سنڌ جو هڪ مشهور ۽ ڪامياب واپاري هو. نائو مَل کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته اهو جديد ڪرچي شهر جو بنياد رکڻ واري مشهور سنڌي واپاري ڀوجو مَل جو پَڙ پوٽو هو. نائو مل جي ڪُٽنب جو واپار ۽ واپاري لاڳاپا نه رڳو سنڌ پر هندوستان، افغانستان، ايران ۽ مسقط تائين پکڙيل هئا.

عام طور تي اهو مشهور آهي نائو مل انگريزن جي مدد ڪري پنهنجي جنم ڀوميءَ سان غداري ڪئي هئي. جيئن اختر بلوچ پنهنجي نائو مل تي ڪيل تحقيقي مضمون ۾، محمد عثمان دموهي جي 2013ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾“ ٻي ڇاپي ۾ لکڻي جو حوالو ڏئي لکيو آهي ته؛ دولت، جاگير ۽ رتبو حاصل ڪرڻ جي لوڀ ۾ هن شخص انگريزن کي مدد ڏئي سنڌ جي ان وقت جي ٽالپر حڪمران ٽولن سان غداري ڪئي هئي. اختر بلوچ پنهنجي مضمون ۾ اهو سوال به اُٿاري ٿو ته نائو مَل ۽ سندس ڪُٽنب جو حڪمران ميرن سان ايترو ويجهو لاڳاپو هو ۽ سنڌ ۾ سندن ايترو معاشي اثر هئڻ جي باوجود به نيٺ نائو مل انگريزن کي سنڌ تي قبضو ڪرائڻ ۾ مدد ڇو ڏني؟

اختر بلوچ پنهنجي لکيل مضمون ۾ پنهنجي اُٿاريل سوال جو جواب به وري تاريخي حوال پيش ڪري پاڻ ئي ڏنو آهي. اختر بلوچ جي پنهنجي لکيل مضمون ۾ جيڪي تاريخي حولا ڏنا آهن انهن تي اچڻ کان پهرين هڪ ٻيو به امڪاني سبب به ٿي سگهي ٿو جنهن تي پڻ ويچار ڪرڻ گهرجي. اهو امڪاني ڪارڻ حالتن جي سياسي تجزئي جي بنياد تي ٺاهيل تناظر يا پيشمنظر جي فرق جو به ٿي سگهي ٿو، جنهن جي بنياد تي ڪو فرد، برادري يا گروهه اهو سمجهي ته منهنجي سماج جي ڀلائي هنيئن نه پر هُونئن آهي. ڇو جو ڪو به فرد جڏهن ڪنهن علائقي ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ اُتي وڏو ٿئي ٿو ته اها انساني فطرت آهي ته اهو ان ڌرتي جي خطي جي ماحول، روايتن ۽ ثقافت جو پنهنجو پاڻ ئي حصو ٿي وڃي ٿو، انسان جن به گهٽين ۾ ڊوڙي ڊڪي پلجي نپجي وڏو ٿيو آهي، انهن سان پيار ڪرڻ لڳي ٿو. اهو ان علائقي جي آسمان، زمين، وڻن، ٻوٽن سان به پيار ڪرڻ لڳي ٿو. ايتري حد تائين جنهن شهر، ڳوٺ يا گهٽيءَ ۾ انسان پنهنجو ننڍپڻ گذاري جواني تائين رهندو آهي، اهي سندس ناسٽيلجيا بڻجي ويندا آهن. تنهنڪري وقت، ماحول ۽ پيش آيل واقعن جي پسمنظر کي سمجهڻ کان سواءِ ڪنهن به محب وطن شهريءَ تي غداري جو الزام هڻڻ، ان شخص سان وڏي ناانصافي ٿيندي.

جيئن ته هوتچند ڪُٽنب جو جو تعلق سنڌ جي واپاري طبقي سان هو ۽ سندن واپاري تعلق ٻاهرين دنيا سان هئڻ سبب سندن سنڌ کان ٻاهر به اچڻ وڃڻ رهندو هو. تنهنڪري اها ڳالھ گهڻي حد تائين ٿيڻ جوڳي ۽ مڃڻ جوڳي ٿي سگهي ٿي ته نائو مل جي ڪُٽنب کي ٻاهرين جديد دنيا جي نون رخن ۽ لاڙن جي باري ۾ ٻين کان وڌيڪ ڄاڻ ۽ علم هوندو. تنهنڪري دنيا ۾ ڇا وهي واپري پيو، دنيا ڪهڙي رخ ڏانهن وڃي رهي آهي، ڪهڙيون قوتون اُڀري رهيو آهن ۽ ڪهڙيون قوتون پنهنجي پراڻ پرستي سبب ڊهڻ ڏانهن وڃي رهيون آهن جو اندازو نائو مل کي هو. جنهن تحت نائو مل ڳڻ پھ لڳائي ورتي هئي ته ايندڙ دور انگريزن جي وڌي ۽ اُڀري اچڻ جو آهي ۽ تاريخ جي ان عمل يا جبر آڏو بيهڻ پنهنجو پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهڻ برابر هوندو. ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي سياستي تجزئي جي بنياد تي ٺاهيل پيشمنظر جي بنياد تي هو ايندڙ طوفان کي تيزي سان ايندو ڏسي رهيو هجي ته هوائون ميرن جي صاحبي جي سڙهن کي ڇيهون ڇيهون ڪري اُڏائي رهيون آهن ۽ حڪمران مير هندورن ۾ لوڏا کائي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هو اهو ڏسي رهيو هجي ته ميرن جا حڪمران ٽولا سنڌ جي وسيلن جي ڦرلُٽ ڪندي، سنڌ جي انڌي منڊي معشيت جون آنڊا گجيون به ڪڍڻ جي پويان آهن. ظاهر آهي ته ٽالپر حڪمرانن جي ڪُدن ڪم، مذهبي مت ڀيد ۽ ڏاڍين جي شڪايت اهو خود ميرن کي ته ڪري نٿي سگهيو.[2]

سيٺ نائو مل سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو نالو جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ مان ڪڍيو وڃي ته سنڌ جي تاريخ اڌوري رهجي ويندي. سنڌ جي تاريخ ڪيتري پراڻي آهي ان تي کوڙ سارا ماڻهو گهڻو ڪجهه لکي چڪا آهن، هتي 3 هزار سال قبل مسيح موهن جو دڙو جا آثار به آهن ته ڏکڻ سنڌ جي شهر ميرپور خاص ۾ ڪاهوءَ جو دڙو جهڙو تاريخي ورثو به موجود آهي. موهن جو دڙو ته بچي ويو پر ڪاهوءَ جي دڙو سان ڪنهن به حالت سٺو ورتاءُ ڪيو ويو. سيٺ نائو مل هوتچند جي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته نائون مل اهو شخص هو، جنهن سنڌ تي انگريزن جي قبضي لاءِ سندن مڪمل مدد ڪئي. نائو مل ايئن ڇو ڪيو؟ سوال اهو آهي ته نائو مل انگريزن جي ڇو مدد ڪئي؟ ڇا هن ڪنهن مالي فائدي لاءِ انگريزن جي مدد ڪئي هئي يا انگريز سرڪار طرفان ڪو خطاب حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي مدد ڪئي هئي يا پنهنجي والد سيٺ هوتچند سان ميرن جي دور ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو ان جو بدلو وٺڻ لاءِ انگريزن جي مدد ڪئي هئي.

هڪ حقيقت اسان کي ذهن ۾ رکڻي پوندي ته ميرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ انگريزن جو قبضو قائم ٿيو ته هڪ نئين سنڌ جنم ورتو، شهري علائقن ۾ روڊ رستا ٺهيا، بجلي آئي، اسڪول ۽ اسپتالون ٺهيون، ريلوي جي نظام جنم ورتو، جديد نهري سرسٽو ۽ گهڻو ڪجهه نئون ٺهيو. ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته نهري نظام انگريزن روينيون حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ريلوي افغانستان تائين فوجي سامان پهچائڻ لاءِ ٺهرايا هئا. انگريزن کي ڏسندي ڏسندي هندن ۽ پارسين به اهڙا اڻ ڳڻيا سماجي ادارا قائم ڪيا، جنهن کانپوءِ مسلمانن کي به اهڙا ادارا قائم ڪرڻ جو خيال آيو ۽ انهن فلاحي ۽ تعليمي ادارا به قائم ڪيا. هاڻي اچون ٿا اصل موضوع ڏانهن يعني سيٺ نائو مل هوتچند ڪير هو ۽ ڇو وطن جو غدار ٿيو؟

محمد عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب “ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾” (Karachi taareekh jay Aaeenay) جي 2013ع جي اشاعت ۾ هوتچند جي حوالي سان لکي ٿو ته: “ هن شخص جي دولت، جاگير ۽ رتبو حاصل ڪرڻ جي حوس جي ڪري سنڌ جي وطن پرست مسلمانن ۽ هندن کي نه رڳو وطن جي آجپي (Aajpay) کان محروم ٿيڻو پيو پر ان سان گڏوگڏ غلامي جا سورَ به سهڻا پيا. هن شخص انگريزن کي سنڌ تي قابض ڪرائڻ ۾ سنڌ جي ميرن خلاف مڪر، فريب ۽ دغا بازي جو مظاهرو ڪيو”.[3]

محمد عثمان دموهي نائو مل جي خانداني پسمنظر بابت لکي ٿو ته “ هو 1729ع ۾ ڪراچي شهر جو بنياد رکندڙ مشهور هندو واپاري ڀوڄو مل جو پڙ پوٽو هو، جيڪو 1804ع ۾ ڪراچي جي قديم پاڙي کارادار ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو والد هوتچند به هڪ مشهور واپاري ماڻهو هو، هن جو واپار نه رڳو سنڌ پر هندستان، افغانستان، ايران ۽ مسقط تائين ڦهليل هو، سنڌ جا هندو واپاري ٽالپرن کي قرض مهيا ڪندا هئا ان ۾ هن جو نالو به شامل هو. هن جي حيدرآباد جي درٻار تائين پهچ هئي.” سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايترو بااثر هئڻ باوجود نائو مل ڪٽنب سان اهڙو ڇا ٿيو جو نائو مل سنڌ تي انگريزن کي قبضو ڪرايو؟

سيٺ نائو مل جون يادگيريون ۽ جيمس برنس

سنواريو

سيٺ نائو مل پنهنجي يادگيرين ۾ (اهي يادگيريون 1845ع کان 1930ع تائين) جي واقعن تي لکيل آهن. نائو مل ان ۾ لکي ٿو ته “:1831-32ع جي ڳالهه آهي ته نصر پور جي هڪ هندو مزدور جو پٽ پنهنجي استاد جي سختين کان تنگ اچي هڪ مسجد جي دروازي جي ويجهو وڃي بيٺو، ڪجهه ملسمانن جي مٿس نظر پئي اهي کيس مسجد ۾ وٺي ويا، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي هندو دڪاندارن پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا ۽ مسلمانن کي سيڌو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مسلمانن انتقامي ڪاروائي ڪندي لياري ۾ موجود پاڻي جي کوهن ۾ گندگي ۽ ڪرپٽي (ليٽرين) وجهي ڇڏي، انهن کوهن مان هندو پيئڻ جو پاڻي ڀريندا هئا. ٻئي ڏينهن نورل شاهه نالي هڪ سيد اسان جي پاڙي مان گذرندي گاريون ڏنيون. منهنجو ننڍو ڀاءُ پرسرام (Parsraam) جيڪو ان پاڙي جي ٻاهرين دروازي تي بيٺل هو، ان نورل شاهه کي ڌيرج سان سمجهايو ته ايئن ڳالهائڻ مناسب ناهي، ٻنهي وچ ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ جوش ۾ اچي نورل شاهه (Nooral Shaah) چيو ته پرسرام منهنجي پيغمبر جي شان ۾ گستاخي (Blasphemy) ڪئي آهي، ايئن مسلمانن جو وڏو هجوم گڏ ٿي ويو. ان کانپوءِ نورل شاهه قرآن ڳچي ۾ وجهي سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪيو ۽ ماڻهن کي ڀڙڪايو. ان دوران ڪنهن طريقي سان منهنجو ڀاءُ پرسرام جيسلمير (هاڻوڪي انڊيا) منتقل ٿي ويو، معاملو ان وقت سنڌ جي حاڪم مير مراد علي ٽالپر (Meer Muraad Ali Talpur) تائين پهتو، مسلمانن جو دٻاءُ به هو، مير صاحب منهنجي والد هوتچند کي حڪم موڪليو ته سيٺ پرسرام کي حيدرآباد اماڻيو. پرسرام ڪراچي ۾ نه هو. مير صاحب ٻيو فرمان موڪليو ته هوتچند پاڻ اچي حاضر ٿئي. منهنجو والد حيدرآباد پهتو، مير صاحب جهيڙي جي حل لاءِ معاملو نصرپور جي قاضي جي عدالت (Nasrpur jay Qazi jee adaalat) ۾ موڪليو (نصر پور حيدرآباد کان ڪجهه مفاصلي تي ننڍڙو شهر آهي) قاضي معاملو ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ مسلمانن اوچتو حملو ڪري سيٺ هوتچند کي اغوا ڪري ورتو. هو ڏهه کان ٻارنهن ڏينهن مسلمانن جي قبضي ۾ رهيو، جن کيس زبردستي مسلمان ڪرڻ جو ارادو ڪيو (مطلب ته سندس زبردستي طهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي) پر جيئن ته سندس عمر 50 ورهين کان مٿي هئي ۽ هن جو طهر ڪرڻ قرآن جي حڪم جي به خلاف هو، ان کانسواءِ مسلمانن کي اهو به ڊپ هو ته ان جا نتيجا خطرناڪ به ٿي سگهن ٿا. ان ڪري اهي پنهنجي ارادي کان پاسيرو رهيا. ان کان پوءِ مير مراد علي کي پڇتاءُ ٿيو ۽ منهنجي والد جي آزادي جو حڪم جاري ڪيائين، جنهن کانپوءِ منهنجي والد کي آزادي ملي”. ان وقت سنڌ ۾ عام تاثر اهو هو ته سيٺ هوتچند جو طهر ڪيو ويو هو.

ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي هندو برادري تمام گهڻي خوشحال هئي سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار ته ڇا حڪمران خاندان تائين سندن قرضدار هوندا هئا. پر ان جي باوجود کين اهو سماجي رتبو حاصل نه هو، جيڪو مسلمانن کي حاصل هوندو هو. جيمس برنس مطابق: “سنڌ ۾ هندن کي گهوڙي سواري جي جهل هئي، ان ڪري دولت مند واپاري به گڏهه تي سواري ڪندي نظر ايندا هئا. هندن لاءِ اهو به ضروري هو ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جي سواري گذري ته ان جي رستي ۾ ادب مان هڪ پاسي بيهي رهن”.

نائون مل جي باري ۾ تاريخدان ڊاڪٽر مبار علي جا ويڄار

سنواريو

مشهور دانشور ۽ تاريخدان ‎ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي “ڪتاب سنڌ، خاموشي جو آواز” ۾ لکي ٿو ته سيٺ هوتچند جو خاندان سنڌ جو اتم هندو خاندان هو، ان ڪري جڏهن هن خاندان جي سربراھ سان خراب ۽ بي عزتي وارو سلوڪ ڪيو ويو، کيس اغوا ڪيو ويو، قيد ۾ بکيو اڃيو رکيو ويو. ۽ ڪجهه شاهديون اهو ٿيون ٻڌائن ته سندس طهر به ڪيو ويو هو، اهڙن واقعن جو اثر ان جي خاندان جي ماڻهن ۽ سنڌ جي هندن تي ٿيو. هي اها صورتحال هئي، جنهن يقيني طور نائو مل ۽ ٻين هندن جي عدم تحفظ جي احساس ۾ واڌارو آندو”.[4]

نائو مل جي انا کي زبرست ڌڪ لڳو هوندو، لڳي ٿو ته شايد ان بنياد تي هن ميرن جي حڪومت جي خاتمي ۾ انگريزن جي مدد ڪئي هوندي. پر اڪيلي سر نائو مل تي اهو الزام هڻڻ ته هن ميرن جي حڪومت ختم ڪرائي ته اها ڳالهه وڌاءَ ٿيندي. سنڌ تي ميرن جي حڪومت ٽن حصن يعني حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ خيرپور ۾ ورهايل هئي. اهي مملڪت جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ هندو واپارين جي قرضن جا محتاج هئا، سندن ڪا به باضابطا تربيت ورتل فوج نه هئي، انهي سبب جي ڪري انگريزن جو سنڌ تي سولائي سان قبضو ٿي ويو.

برطانيا جي راڻي طرفان نائو مل لاءِ ڪمپينين آف دي موسٽ ايگزاليٽڊ آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا جو تمغو

سنواريو

انگريزن نائو مل جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس اعزازن سان به نوازيو، برطانوي حڪومتي دور جو هڪ عملدار خداداد خان پنهنجي لکيل ڪتاب “ لب مهراڻ سنڌ ۾ لکي ٿو ته ”: “CIE” (ڪمپينين آف دي موسٽ ايگزاليٽڊ آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا) جي لقب جو تمغو انگريز سرڪار سيٺ نائو مل لاءِ موڪليو هو، فريئر محل عرف فريئر هال ۾ هڪ شاندار درٻار منعقد ڪري سيٺ نائو مل کي پنهنجي هٿن سان ڏنو ويو. هن موقعي تي جيڪو خطاب ڪيو اهو ته تمام ڊگهو آهي، هتي رڳو ان جو اختصار پيش ڪجي ٿو : “هن چيو ته، مان ڏاڍي سرهائي مان هي لکت (سند) تنهنجي جي حوالي ڪريان ٿو، تو انگريز سرڪار جي زبردست خدمت ڪئي آهي، راڻي وڏي شفقت سان تو کي سي آءِ اي (ڪمپينين آف دي موسٽ ايگزاليٽڊ آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا) جو لقب ادا ڪري عزت بخشي آهي. سال 1843ع ۾ جڏهن سنڌ جي ميرن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ جنگ ٿي، جيتوڻيڪ ان وقت توکي سخت جاني ۽ مالي خطرو هو، تنهن باوجود تو ڪوشش ڪري ميرن بابت اهڙيون خبرون ۽ اهڙيون تجويزون پيش ڪيون جن موجب انگريز سرڪار جا عملدار پنهنجي لشڪر ۾ تبديلي ڪري سگهن. انهن خدمتن عيوض توکي جاگير ۽ پينشن عطا ڪئي وئي” (ڪتاب؛ لڀ مهڙاڻ سنڌ، ليکڪ؛ خداداد خان)

ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي مضمون “ڇا نائو مل غدار هو” جي آخر ۾ لکي ٿو ته : معاشري ۾ ٿورائي (اقليت) جو ڪردار ڏاڍو نازڪ هوندو آهي، جيڪڏهن ٿورائي (اقليت) مالي ۽ اقتصادي لحاظ کان خوشحال هجي ته ان جي دشمنن ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. گهڻو ڪري ٿورائي جاتي (اقليت) کي وطن دشمن ۽ غدار چيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سماج اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ ٿورائي جاتي وطن ۽ قوم جي محبت کان پري ٿيندي ويندي آهي. هندستان ۽ سنڌ ۾ انگريز حڪومت جي ڪاميابيءَ ۾ ٿورائي جاتين (اقليتن) جي عدم تحفظ جو وڏو عمل دخل هو” (ڪتاب؛ ڇا نائو مل غدار هو، ليکڪ؛ ڊاڪٽر مبارڪ علي)

ديهانت

سنواريو

نائو مل جو لاڏاڻو 73 سالن جي عمر ۾ 16 سيپٽمبر 1878ع تي ڪراچي ۾ ٿيو، سندس يادگيرين تي ٻڌل ٻئي ڪتاب جو ايڊيشن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان 1986ع ۾ شايع ڪيو ويو، پر ان ڪتاب جي تعارف ۾ به نائو مل کي غدار ئي لکيو ويو آهي. http://affairnews.com/2014/03/%D9%86%D8%A7%D8%A6%D9%88-%D9%85%D9%84%D8%8C-%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D8%AC%D9%88-%D8%BA%D8%AF%D8%A7%D8%B1-%D9%8A%D8%A7-%D9%85%D8%AD%D8%B3%D9%86%D8%9F/ آرڪائيو ڪيا ويا 2022-07-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. [5]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ناؤمل: غدّار یا محسن سندھ؟ - Opinions - Dawn News
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2022-07-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-09-24 
  4. ڪتاب؛ سنڌ، خاموشي جو آواز، ليکڪ؛ ڊاڪٽر مبارڪ علي
  5. نائو مَل جي باري ۾ هي مواد وڪيپيڊيا تي اَچي ئي نه سگهي ها. جيڪڏهن اختر بلوچ ڊان نيوز جي ويب سائيٽ تي نائو مَل جي حوالي سان، وڏي محنت ڪري، پنهنجو تحقيقي مضمون، نائو مل؛ غدار يا محسن سنڌ“ نه لکي ها.