نئون سال

هڪ ڪئلينڊر سال جو پهريون ڏينهن، خاص طور تي، جولين ۽ گريگورين ڪئلينڊر ۾ جنوري 1

نئون سال، يا نئين سال جو ڏينھن (انگريزي: New Year) اُن ڏينھن کي چئبو آھي، جنھن ڏينھن ڪنھن جنتري يا ڪئلينڊر ۾ نئين سال جو آغاز ٿيندو آھي. جيئن تہ ھلندڙ دؤر ۾ گريگوري ڪيلينڊر يا انگريزي ڪئلينڊر گھڻو عام ٿي ويو آھي، تنھنڪري اھو ڏينھن پھرئين جنوري تي مَلِھَايو ويندو آھي.[1]. تنھن ھوندي ڪيترن ئي ٻين ڪيلينڊرن ۾ ڌارَ ڌارَ نئون سال ملھايو ويندو آھي. ايران جا رھواسي ۽ پارسي ماڻھو پنھنجي جنتري (ڪئلينڊر) جي حساب سان ان ڏينھن کي نو روز ھي نالو سان ملھائيندا آھن، سنڌي ماڻھو اھو ڏينھن چيٽي چنڊ جي نالي سان ملھائيندا آھن. چين واسي پڻ انھيءَ ريت پنھنجو نئون سال ملھائيندا آھن. انڊيا ۾ اندازي موجب (تقريبن) ھر رياست جا ماڻھو پنھنجو الڳ نئون سال جو ڏھاڙو ملھائيندا آھن، مثال طور تيلگو ماڻھو اگادي ۽ آسامي بيھو ملھائيندا آھن.

نئون سال آتشبازي
نئون سال جي شام برازيل جي شهر ڪوپاڪابانا، ريو ڊي جنيرو، ۾ ملهائي پئي وڃِي
ايراني نئون سال' مارچ اڪيونوڪس (ڏينهن رات جي بروبري) ڳھو سمور جنھن ۾ ڏينھن ۽راتون ھڪجيتريون ھجن(21مارچ کان 23سيپٽمبر تاريخ ۽ وقت تي سنندج ۾ ملهايو پئي وڃِي.
آسٽريليا ۾ سال 2006 جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي نئون سال جي خوشيءَ ۾ آتش بازي جو ڏيکُ

نئون سال ملهائڻ جي شروعات نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ کان ٿيندي آهي ۽ پوءِ سڊني، آسٽريليا ۽ پوءِ ٻين مُلڪن ۾ نئين سال کي ملهائڻ جو جشن شروع ٿيندو آهي.[2] نئون سال کي ماڻھو اِن اُميد سان ملھائيندا آھن تہ جيئن ان جي اچڻ سان ماڻھن جا ايندڙ ڏينھن سُٺا گُذرندا. ان موقعي تي ماڻھو ھڪٻئي کي واڌايون (مبارڪون) ڏيندا[3][4]، ڀاڪُر پائي ملندا، خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ ۽ ٻين ماڻھن کي پڻ ان بھتر اُميد لاءِ واڌايون ڏيندا آھن.انھيءَ مناسبت سان ڪُجھ جڳھن تي ناچ (رقص)، گڏجاڻيون ۽ گلوڪاري جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. ڪيترن ئي ھوٽلن ۾ ڊسڪو يا ڪنھن ناچ (جھِمِر) جو انتظام ڪيو ويندو آھي. ڪجهه ھنڌن تي راڳ محفل مناسبت سان رُڳو جوڙن کي اچڻ جي اجازت ھوندي آھي. ڇڙو مرد يا ڇڙي عورت جو اچڻ تي روڪَ (پابندي) ھوندي آھي.

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Forsythe, Gary (2012). Time in Roman Religion: One Thousand Years of Religious History. Routledge. p. 14. ISBN 978-0-415-52217-5. https://books.google.com/books?id=hTDku_ZQ0JgC&pg=PA14. 
  2. "Daily Kawish - Sindhi News Paper". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-01-03. 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-01-03 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-01-03 
  4. "2019ع کي ساروڻيون بڻائي 2020ع جي اميدن سان آجيان -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-03. 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو