ديھ مڱيو(انگريزي: Deh Mangio) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا کڏھري تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ جو نالو ھڪ پراڻي ڳوٺ مڱيو مسڻ جي نالي تان ورتل آهي.

مڱيو (نصيرآباد)
ديھ مڱيو
ديھ
Deh Mangio
مڱيو (نصيرآباد) is located in سنڌ
مڱيو (نصيرآباد)
مڱيو (نصيرآباد)
مڱيو (نصيرآباد) is located in Pakistan
مڱيو (نصيرآباد)
مڱيو (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°22′29″N 67°52′42″E / 27.37472°N 67.87833°E / 27.37472; 67.87833مڪانيت: 27°22′29″N 67°52′42″E / 27.37472°N 67.87833°E / 27.37472; 67.87833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 3,772

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ساندن جو ڳوٺ، ملاڻن جو ڳوٺ، ساجن جو ڳوٺ، ڳوٺ طيب ديرو، ڳوٺ ڏيئومل، ڳوٺ مڱيو جنھن لڳ ابوطالب جو مقام واقع ھيا. ان وقت ھي ديھ تپو لاکا ۾ واقع ھئي.[2] اھي پراڻا ڳوٺ اڪثر غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن. ھاڻي ڳوٺ بازاري ڪانڌڙا، ڳوٺ ننگر جھتيال، ڳوٺ احمد کوسو، ڳوٺ مڱيو مسڻ واقع آھن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ لاکو ۽ ديھ ڦيکراٽو، اوڀر ۾ ديھ نصيرآباد، اولھ ۾ ديھ جلباڻي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کڏھري ۽ ديھ آڏي لاشاري واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,772 ھئي جيڪا 682 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]