ساموئي
ساموئي. --Samoiee
جڏهن سومرن جو وڏو شهر محمد طور سومرن سان گڏ ناس ٿي ويو، تڏهن سما، جي انهيءَ جي جاءِ تي حاڪم ٿيا، تن محمد طور جي جاءِ تي ۽ آسپاس ڪي نوان شهر ٻڌا، جن مان مکيه ساموئي هو. اهو درڪَ جو پرڳڻو سڏبو هو. ڄام اُنڙ بن بابينه سمو سنه 752ھ (سنه 1351ع) ۾ اتي گاديءَ تي ويٺو ۽ سندس پيءُ ڄام بابينه بن ڄام خير الدين جو ٻڌل آهي ۽ ڪي ڄام بابينه بن ڄام اُنڙ جو ٻڌل ٿا چون. ڄام نظام الدين يا ڄام نندو، جنهن پنجاهي ورهين جي راڄ کان پوءِ سنه 914ھ (سنه 1508ع) ۾ وفات ڪئي، تنهن پنهنجي راڄ جي شروع ۾ اهو شهر ساموئي ڇڏي ٿوري پنڌ تي ٻيو نئون شهر ٻڌايو، جو پوءِ گهڻي مدت تائين تخت گاه سمجهبو آيو. ساموئين وارا بيت جي سنڌ جي حڪومت جي نسبت ۾ پيشنگوئي ٿا ڪن، سي به هن شهر ۾ چيا ويا هئا ۽ اُهي ساموئي به هتي مارايا ويا هئا.[1] اڳي سومرن جي ڏينهن ۾ محمد طور جو شهر تختگاهه هو. جو سلطان علاولادين جي لشڪر ناس ڪري ڇڏيو. سمن جي ڄامن وري ڪلان ڪوٽ وٽ تختگاهه بڻايو. جنهن جو نالو تغلق آباد رکيائون. ساموئي به انهيءَ کي ٿا چون. اهو شحر ٺٽي کان ڏيڍ ڪوهه پنڌ تي اتر الهندي ڏانهن آهي. اهو هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي. اتي ڪي قبرون ۽ مسجدون آهن، چون ٿا ته اتي ڪنئاريون ڇوڪريون زمين ۾ گم ٿي ويون هيون، جي سومريون هيون. اهي دنيا ترڪ ڪري حق بخشي اتي واريءَ جي دڙن ۾ خدا جي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهنديون هيون، جو انهيءَ وقت ملڪ ۾ ظلم زبردستي هلندڙ هئي. انهيءَ وقت ڌاري سيد يعقوب مشهدي. جو هڪڙو وڏو بزرگ هو. سو اتان اچي لنگهيو. انهيءَ جو بڌي اهي ستئي ستيون وٽس آيون ۽ ظالمن کان امان گهريائون. اتي جي وڏيرن مان ڪي انهن ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ لاءِ خواهشمند ٿيا، پر هنن اها ڳالهه قبول نٿي ڪئي. هڪڙي ڏينهن دستور موجب صبح جو هو درياهه جي ڪناري تي وهنجڻ آيون هيون. اتي هو ساڻن زور زبردستي ڪرڻ آيا. ڇوڪريون شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي ٻيڙيءَ تي چڙهي هن ڀر لنگهي اٿي ڀڳيون. پوءِ هو ماڻهو به درياهه لنگهي پٺيان پين ۽ نيٺ اچي پهتن. هنن کي ٻي پناهه جي جاءِ ڪا نه رهي. خدا کان پناهه گهريائون. اوچتو زمين ڦاٽي پيئي. اتي ستئي اندر گهڙي ويون. انهيءَ هنڌ ماڻهن زيارتگاهه بڻائي. ساموئي ۾ جيڪي بزرگ آهن. تن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا: شيخ حماد بن شيخ رشيد الدين جمالي. جو شيخ جمال اُچ واري درويش جو ڏهٽو هو. هميشه منهن تي برقعو وجهيو وتندو هو ۽ اڪثر حجري ۾ ويٺو هوندو هو. سندس مريد ۽ ٻيا زيارتي ماڻهو حجريءَ جي ٻاهران اچي وهندا هئا ۽ انهن کي هو ڪشف جي رستي يا ظاهري طرح فيض پهچائيندو هو. ڄام جوڻي جي راڄ ۾ تماچي سمو ۽ سندس پٽ صلاح الدين هن شيخ جا نهايت معتقد هئا ۽ سندس خدمت ۾ رهندا هئا ۽ شيخ مٿن مهربان هوندو هو. ڄام جوڻي کي ڊپ ٿيو ته متان شيخ هنن کي دعا سان نوازي ۽ هيءُ حاڪم ٿي پون. تنهنڪري ڳجهي طرح بندوبست ڪري هنن ٻنهي کي قيد ڪري دهليءَ ڏي موڪلي. ڏنائين. تماچيءَ جي مآءٌ ڏهاڻي صبح جو شيخ جي خانقاه تي دانهون ڪري هلي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن شيخ جي نظر مٿس پيئي. سندس پٽ ۽ پوٽي جو هن کان پڇيائين. هن ڳالهه ڪري ٻڌايس. شيخ کي ڏاڍو جوش آيو. وجد ۽ حال ۾ هڪڙو سنڌي بيت پڙهيائين. جنهن ۾ هن جي حق ۾ دعا ڪيائين، ته سنڌ جا والي ٿيندا. انهيءَ رات دهلي ۾ هو. بند مان نڪتا. هڪڙو ماڻهو شيخ جي صورت ۾ هنن جو سونهون ٿيو ۽ گهوڙن تي چاڙهي روانو ٿيو. سگهو ئي بنديخاني جي داروغي ۽ پهريوارن کي خبر پيئي. هنن جي پٺيان پيا، پر پڄي نه سگهيا. نيٺ ٽن ڏينهن ۾ کيبرن جي ڳوٺ ۾ آيا. اتي هڪڙ ڌڻ مان هڪڙو گهٽو وٺڻ گهريائون. مخدوم نوح کيبري ڌراڙ هو، تنهن چيو ته ملڪ جو والي ڄام تماچي آهي. سنڀاليو متان منهنجو گهٽو کڻو. هو حيران ٿيا. چيائونس ته ملڪ جو والي تهڄام جوڻو آهي. هن چيو ته نه. ٽن ڏينهن کان غيبي هوڪو پيو اچي ته واليڄام تماچي آهي. هوڏي ڄام جوڻو شيخ حماد جي بيت جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو بي آرام ٿيو. لاچار ٿي اچي شيخ جي در تي چوڻ لڳو ته اوهان فقيرن جو حڪومت سان ڪهڙو اوسطو؟ تنهن تي شيخ پاڻ زياده ڪاوڙيو. جوش مان چوڻ لڳيس ته هن ملڪ جو مالڪ آءٌ آهيان. جنهن کي وڻيم تنهن کي ڏيان. ڄام نااميد ٿي موٽيو. ستت ئي هو پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساموئي درياهه تي اچي پهتا. شيخ پنهنجي گودڙيءَ مان ٽڪر ڦاڙي هنن کي ڏنو ۽ چيائين ته هي ڪنهن ڪاٺيءَ جي چوٽيءَ تي ٻڌي جهنڊو ڪري نڪرندو ته پاڻهي غيب مان اوهان کي مدد ملندي. ڄام جوڻي کي ماڻهن ٻڌايو ته تماچي لشڪر وٺي ڪاهي اچي مٿان بيٺو اٿيئي. هو وائڙو ٿي ويو. سندس لشڪر منهن موڙي اٿي ڀڳو. تنهن ڪري پاڻ به لاچار ٿي اٿي ڀڳو ۽ سندس ملڪ ۽ مال ڄام تماچيءَ کي مليو. انهيءَ طرح پيءُ ۽ پٽ ٻئي سنڌ جا والي ٿيا. ڄام تماچي نهايت وڏو خزانو نذرانو ڪري آڻي شيخ جي اڳيان رکيو ۽ دعا گهريائينس ته هيءُ ملڪ منهنجي اولاد جي هٿ ۾ رهي. هن کي چيائين ته انهن پئسن مان منهنجي خانقاه جي پاسي ۾ هڪڙي عمدي مسجد جوڙاءِ ۽ پنهنجن پٽن کي سنڌ جو ملڪ ورهائي ڏيئي ڇڏ. انهيءَ ڪي سنڌ ۾ توڙي ڪڇ ۾ سمن جي بادشاهي گهڻي تائين هلي. اها مسجد اُها آهي. جا مڪليءَ تي آهي ۽ جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري لنگوٽي- هن جو قبو ساموئي جبل جي پاڙ ۾ آهي. قلندرن وانگي لانگوٽو ٻڌيو وتندو هو ۽ شيخ حماد سان به سندس صحبت هوندي هئي. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ سيد محمد حسين شيرازي، جنهن کي مير مراد چوندا هئا. تنهن جي ڄمڻ جي اڳواٽ خبر ڏنائين ۽ ان جي ڄمڻ جي ڏينهن وڃي سندس زيارت ڪيائين ۽ مريد ٿيو ۽ ٽئين ڏينهن وفات ڪيائين، جا سنه 831ھ ۾ ٿي. مُلا عبدالرحمان. جنهن کي مُلو لٽر چوندا آهن، اهو اصل عباسي هو ۽ وڏو ڪامل اوليآءٌ هو، پر ڏاڍو چرچائي هو. سما ڄام سندس نهايت متعقد هوندا هئا ۽ ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئس. ساموئي جي ڪناري تي دفن ٿيل آهي. شيخ جهنڊو پاتڻي. جنهن جو نالو مٿي آيو، سو سيد ميران محمد جونپوريءَ جو مريد هو. چون ٿا ته جڏهين اهو سيد ٺٽي ۾ اچي لٿو ۽ ڄام نظام الدين، جو ملڪ جو بادشاهه هو. تنهن ظاهري عالمن جي چوڻ تي هن ڏي گهڻو خيال ڪونه ڏنو ۽ هن کي هڪڙي ٻيڙيءَ تي چاڙهي ٻئي پاسي روانو ڪيائين. ٻيڙي هڪڙي هنڌ وڃي گتي، جنهن کي جهنڊي پاتڻيءَ اچي ڪڍيو. سيد هن کي دعا ڪئي ۽ هو ڪامل مرد ٿي ويو ۽ ستن ستين کي به مدد ڪيائين. جيئن مٿي ذڪر آيو. سندس درگاهه اتي آهي. جيڪي ماڻهو مڪليءَ جي بزرگن جي زيارت تي ايندا آهن، سي پهرين به هن جي زيارت ڪندا آهن ۽ پڇاڙيءَ جو به هن جي زيارت ڪندا آهن.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</هئ>
حوالا
سنواريو- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو