مٺا خان زرداري (Mitha Khan Zardari) نوابشاهه ۾ راڻو خان زرداريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. 1942ع ۾ نور محمد هائي اسڪول، حيدرآباد مان ڏهون درجو پاس ڪري پوليس کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو. پر سندس سڃاڻپ گهڙو ئي رهي. غوث بخش بروهي ۽ خميسو خان، الغوزو ۽ مٺا خان جڏهن گهَڙو وڄائي سُرَ پکيڙيندا هئا ته پنڊال ۾ ويٺل خلق صفا جهومي پوندي هئي. مٺا خان پنهنجي فن جو مظاهرو اٽلي، چين، جرمني، برطانيا، دبئي ، ڊنمارڪ، ڀارت، ڪينيا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ ڪيو۔ مٺا خان کي صدر ايوب خاص جهاز ذريعي اسلام آباد گهرائي سندس گهڙو ٻڌو هو۔ پاڻ پنهنجي فن جي مڃتا تي صدارتي ايوارڊ، شاهه لطيف پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻيائين۔ مٺا خان زرداري 12 مئي 2011ع تي هن دنيا مان رحلت فرمائي ويو.[1][2][3][4]

حوالا سنواريو

  1. گهڙي نواز مٺا خان زرداري ( پهرين ورسيء تي کيس ڀيٽا ) | SindhSalamat, وقت 2021-12-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-05-16 
  2. صدارتي ايوارڊ يافته مشهور گهڙي نواز مٺا خان زرداري به موڪلائي ويو | SindhSalamat, وقت 2021-12-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-05-16 
  3. "زرداري مٺا خان : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-21. 
  4. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta//images/2017/May/12-05-2017/Page7/P7-8.htm. حاصل ڪيل 2020-06-21.  Missing or empty |title= (مدد)