ديھ ميڻا (قمبر)(انگريزي: Deh Mena) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي.

ميڻا (قمبر)
ديھ ميڻا
ديھ
Deh Mena
ميڻا (قمبر) is located in سنڌ
ميڻا (قمبر)
ميڻا (قمبر)
ميڻا (قمبر) is located in Pakistan
ميڻا (قمبر)
ميڻا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′19″N 68°03′47″E / 27.67194°N 68.06306°E / 27.67194; 68.06306
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,250

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ امام بخش رسالدار، ڳوٺ عثمان کوکر ۽ ڳوٺ ميڻا واقع ھيا. برٽش انڊيا واري دؤر م ميڻا پکيڙ م تمام وڏو ڳوٺ ھيو. ھاڻي بہ ھن ديھ جو سڀ کان وڏو ڳوٺ ميڻا ئي آھي جتي درگاھ نور شاھ بخاري واقع آهي. ھڪ نئون ڳوٺ ڳوٺ الھ ڏتو قمبراڻي پاڪستان ٺهڻ بعد قائم ٿيو. ڳوٺ امام بخش رسالدار جي لڳولڳ ڳوٺ عظمت مغيري قائم ٿي چڪو آهي. ڳوٺ عثمان کوکر پڻ قائم آھي.

جاگرافي

سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ميروخان تعلقي جون ديھون ڇٽو جويو ۽ ڍوري مبارڪ، اوڀر ۾ ديھ لشڪري خان چانڊيو ميروخان تعلقي جي ديھ مصري خان چانڊيو، اولھ ۾ ديھ رانوتي ۽ ديھ ھليا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڀرمي ۽ ديھ پيروز ڀٽي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ڪور ڏاتو ھن ديھ جي الهندي حصي مان وھندڙ آھي.

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,250 ھئي جيڪا 833 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]