مير عبدالرسول مير

مير عبدالرسول مير (7 اپريل 1950 - 19 ڊسمبر 2019) پاڪستان جو تعليم پسند ۽ سنڌي ٻولي جو شاعر هو. هو پنهنجي رومانوي شاعري جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. سندس شعر ڪيترائي مشهور سنڌي ڳائڻا ڳائي چڪا آهن.

مير عبدالرسول مير
مقامي ٻوليء ۾ نالو مير عبدالرسول مير
پيدائش 4 جولاءِ 1950ع
ڳوٺ مهر علي خان ٽالپر ، تعلقو گمبٽ ، ضلعو خيرپور ميرس ، سنڌ ، پاڪستان
وفات 19 ڊسمبر 2019ع
قلمي نالو مير
ڌنڌو شاعر ۽ استاد
صنف غزل ، ڪافي ، نظم ، بيت

ننڊڻپڻ ۽ قابليت

سنواريو

مير عبدالرسول مير 7 اپريل 1950 تي ڳوٺ مهر علي خان ٽالپر ، تعلقي گمبٽ ، ضلعي خيرپور ميرس سنڌ ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيو . [1] سندس والد مير مهر علي خان ٽالپر پنهنجي ڳوٺ جو هڪ عظيم انسان هو. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فزڪس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پنهنجي عملي شروعات تعليم کاتي ۾ فزڪس جي ليڪچرر طور ڪئي. هو سچل سرمست ڪاليج نوابشاھ سنڌ جي پرنسپال طور رٽائر ٿيو.

شاعر جي حيثيت ۾ ڪيريئر

سنواريو

هن ننڊي عمر ۾ ئي شعر لکڻ شروع ڪيا. هو مخدوم محمد زمان طالب الموليه جي شاعري کان تمام گهڻو متاثر هو جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ عالم ، شاعر ۽ روحاني رهبر هو. سندس شاعري جو موضوع رومانس ، وطنيت ۽ اخوت جي لحاظ کان هو. [2] عابده پروين ، عاشق نظاماڻي ، محمد يوسف ، وحيد علي ۽ ٻين ڪيترائي مشهور ڳائڻا هن جا گانا ڳايا آهن. اِھي اڪثر گيت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران رڪارڊ ڪيا ويا آھن. هن جو شعري مجموعو سونھن ورونھن (سونهن ورونهن) جي عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي.

هن هيٺ ڏنل انعامن سميت ڪيترائي انعام حاصل ڪيا: [3] [4]

  • بردو سنڌي اوارڊ (2005)
  • جمال الدين ڀٽي ايوارڊ (2005)
  • لطيف اوارڊ (2005)
  • سچل اوارڊ (2006)

مير عبدالرسول مير 19 ڊسمبر 2019 تي وفات ڪئي.

  1. "ٽالپر مير عبدالرسول مير : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-07. 
  2. Baloch, Inayat (2020-12-19). "مير عبدالرسول مير جو وڇوڙو". Daily Kawish, Hyderabad (In Sindhi). 
  3. "سنڌي ٻولي جي سُريلي شاعر مير عبدالرسول "مير" جو وڇوڙو". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-04-07. 
  4. سنڌ جو ناليوارو شاعر مير عبدالرسول مير گڙدن جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويوOnline Indus News, Dated 19 December 2019.