مير ابوالمڪارم
_ مير ابوالمڪارم ولد امير خان، امير خاني سيدن مان هو. امير خان سنه1114هه ۾ سنڌ جو نواب هو ۽ انهيءَ جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. مير ابوالمڪارم اميريءَ هوندي فقير ٿي گذاريندو هو ۽ ڪامل درويش شمارٿيل هو. علميت ۽ فضيلت به ججهي هيس. شاعر به قابل هو. تخلص ”شهود“ هوس. سليمان ۽ بلقيس جي مثنوي لکيائين. سيوستان ۾ دفن ٿيل آهي. سندس پٽ نواب مير امير الدين خان به اڪثر وقت ڪتاين پڙهڻ ۾ عالمن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. ”رشحات الضنون“ جنهن ۾ چوڏهن علمن جو ذڪر آهي ۽ ”معلومـﺔ الافاق“ ٻئي سندس تصنيفون آهن. انهيءَ جو ٻيو پٽ مير الرضي الدين به پيءُ جهڙو عالم ۽ فاضل شاعر هو. تخلص ”فدائي“ هوس. سندس ديوان موجود آهي. سنه1120هه ۾ گذريو. وري انهيءَ جو پٽ مير حيدر الدين ابوتراب به انهيءَ جهڙو هو. تخلص ”ڪامل“ هوس ۽ پاڻ به حقيقت ڪري ڪامل انسان هو. مريد هئس. تمام پير مرد ٿي وفات ڪيائين. هن جا تصنيف ٿيل ڪيترائي ڪتاب فارسي، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مشهور هئا. ”تحفته الڪرام“ جو مصنفمير علي شير ”فانع“ سندس شاگرد هو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو