ميرپور بٺورو (مِيرپور بَٺورو، اردو: میرپور بٹھورو، انگريزي: Mirpur Bathoro) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڏکڻ ۾ سجاول ضلعي ۾ واقع هڪ ننڍو شهر آهي ۽ ميرپور بٺوري تعلقي ۾ اچي ٿو. ميرپور -بٺورو-، -ٺٽي- ضلعي جو تعلقي هيڊڪوارٽر. بٺوري واهه جي ڪپ تي اڏيل آهي، هڪ پاڙي کي اڃاتائين علي -بندر- سڏين. مغلن جي ڏينهن ۾ -بٺورو- هڪ پرڳڻو هو ۽ نصريہ، -بهرام پور-، -اپلاڻ-، هٽڙي، -بلڙي-، دٻو ۽ راهوٺ مُحلن ۾ ورهايل هو. انهيءَ پرڳڻي ۾ هڪڙو قلعو هوندو هو، جنهن ۾ گهڻي دولت رکيل هئي. 947ھ/ 1540ع ۾ جڏهن همايون سنڌ ۾ آيو، تڏهن پهريائين عمرڪوٽ ۾ اچي رهيو، پر پوءِ بٺوري ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته جيئن اتان مال ملڪيت هٿ ڪري، پر مرزا شاهه حسن جي پاران سلطان محمود خان انهيءَ قلعي کي وڃي بچايو ۽ همايون شڪست کائي قنڌار ڏانهن هليو ويو. انگريزن جي فتح کان اڳ هيءُ پرڳڻو مير شيرمحمد جي هٿ ۾ هو. ميرپور بٺوري ۾ جنڊيءَ ۽ ڇُر جو ڪم تمام سٺو ٿئي. مهرشاهه جي درگاهه به هن شهر ۾ آهي، -جتي- ميلي جي موقعي تي جانورن جو واپار هلندو آهي ۽ ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي. هن شهر جي اهم اديبن ۽ شاعرن ۽ سياستدانن ۾ خواجه محمد جعفر، قاسم -پٿر-، -اعجاز- خواجه، غلام حسين رنگريز، عبدالفتاح، عبد بٺورائي اهم آهن. هيءُ اڳوڻي بٺوري پرڳڻي جو مکيه شهر هو. جو ٺٽي جي نواب امير خان ٻڌايو هو ۽ انهيءَ کي اميرپور سڏيائين. بٺوري ۽ بهرامپور ۽ پليجن جو اهو مکيه شهر هو. اتي شاهه ڪپور جي قبر آهي ۽ امير پير جو به اتي ميلو لڳندو آهي.[1]

ميرپور بٺورو تعلقو
تعلقو
ميرپور بٺورو تعلقو is located in سنڌ
ميرپور بٺورو تعلقو
ميرپور بٺورو تعلقو
ميرپور بٺورو تعلقو is located in Pakistan
ميرپور بٺورو تعلقو
ميرپور بٺورو تعلقو
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°43′48.0″N 68°15′0.0″E / 24.730000°N 68.250000°E / 24.730000; 68.250000
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٺٽو ضلعو
تعلقو Mirpur Bathoro
شھرن جو تعداد 2
يونين ڪاؤنسلون 08
حڪومت
 • قسم تعلقا ميونسپل ايڊمنسٽريشن
پکيڙ
 • تعلقو 4 ڪ.م2 (2 ميل2)
 • ميٽرو 2 ڪ.م2 (0.8 ميل2)
بلندي 39 ميل (128 ft)
آبادي (1998)
 • تعلقو 125,000


تاريخ سنواريو

سنه 949ھ (سنه 1542ع) ۾ همايون سنڌ ۾ آيو. پهرين عمرڪوٽ ۾ اچي رهيو، پوءِ سنڌ ۾ ٻئي هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ لڏي جونپور ۾ آيو. مرزا شاهه حسن سامهون ٿيس. بٺوري ۾ هڪڙو قلعو هو، جتي گهڻي سرسات رکيل هئي. انهيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ همايون اوڏي وڃڻ گهريو. شاه حسن جي پاران سلطان محمود خان انهي قلعي کي وڃي بچايو. اُتي طرفين جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ ماڻهو مئا. آخر همايون قنڌار هليو ويو. سنه 957 (سنه 1550ع) ۾ جڏهن مرزا ڪامران بکر ۾ آيو، تڏهن مرزا شاهه حسن هن جي بورچي خاني جي خرچ لاءِ بٺوري جي پرڳڻي ۽ شاه ٻيلي (هاڻ ساڌ ٻيلي) جي پيدائش هن کي ڏني، جو هن سان مرزا پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪئي هئي. شاهجهان جي ڏينهن ۾ نواب امير خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو. انهي بٺوري جي پرڳڻي ۾ هڪڙو وڏو شهر ٺهرايو، جنهن جو نالو امير پور رکيائين، جو هاڻ ميرپور بٺورو ٿو سڏجي. انهي ساڳئي بٺوري جي پرڳڻي ۾ ميرانپور جو ڳوٺ به هو، جتي شاه عنايت صوفي رهندو هو، جو شهيد ٿيو. ميرانپور کي هاڻي جهوڪ ٿا سڏين. شاه جي شهيديءَ جو اهو واقعو ٺٽي جي نواب اعظم خان جي ڏينهن ۾ سندس حڪم سان ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي هٿان ٿيو.[2]

[3][4]

Town information for Mirpur Bathoro orange = This town green = Beach red = Town gray = Hotel Click on markers for more information

This town is located at 24° 43\' 48\" N x 68° 15\' 0\" E (Latitude: 24.73000, Longitude: 68.25000). You can map this location with Google Maps, Google Earth, Bing, MapQuest, or MultiMap. This town is also known as:

Mirpur Batoro

Other towns near Mirpur Bathoro

These are the closest towns with coordinates to this town.

Daro (5.6 miles / 9.0 km NW) Bulri (10.9 miles / 17.5 km N/NE) Sujāwal (13.5 miles / 21.7 km SW) Thatta (20.7 miles / 33.4 km W) Kario Ghanwar (22.8 miles / 36.7 km E/NE) Jāti (26.2 miles / 42.2 km S) Chohar Jamāli (28.4 miles / 45.7 km SW) Tando Muhammad Khān (32.1 miles / 51.7 km N/NE) Mātli (33.4 miles / 53.8 km NE) Talhar (36.8 miles / 59.2 km E/NE)

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D9%BA%D9%88%D8%B1%D9%88
  4. http://worldbeachlist.com/World/Pakistan/Sind/Town-Mirpur-Bathoro.html