ميران
ميرا ٻائي : ميران: ميرا،:میرابائی:Meera:Meera Bai: Mirabai:[2] ھڪ صوفي شاعر ھئي
ميران ميران ٻائي ميرا | |
---|---|
ميران جي پينٽنگ | |
ذاتي معلومات | |
پيدائش | 1498 CE[1] |
وفات | دوارڪا، مغل ايمپائر 1546 عيسويءَ ۾ تقريبن 47 يا 48 سالن جي عمر ۾.[1] |
مذھب | ھندوازم |
سڃاڻپ | شاعري، ڀڳتي تحريڪ،ويشنوازم(ڪرشنا) |
عرفيت |
|
تفصيلي تعارف
سنواريوڀارت جي ڌرتيءَ ڄائي. جيڪا سچي ڀڳتين ۽ ڌرم جي پوڄارڻ ميران ٻائي ٿي گذري آھي. سندس جنم اٽڪل 1504ع ۾ نيرٺ ۾ ٿيو، جو شھر بيڪانير جوڌپور جي وچ ۾ آھي. سندس پتا رتن سنگھ مارواڙ جي راٺوڙ حاڪمن جي نسل مان ھو.[3] جوان ٿي تہ ميوا رام جي راجڪمار ڀوڄراڄ سان مڱايائونس جنھن سان سندس شادي ٿي.[3] سن 1516 عيسويءَ ۾ ميوار جي شھزادي ڀوڄراج سان ھن جي شادي ھن جي مرضيءَ خلاف ٿي ھئي..[4][5] ميران جو مڙس 1518 ۾ دھليء جي سلطنت سان ٿيل جنگ دوران زخمي ٿي پيو ھو ۽ انھن زخمن جي ڪري 1521 ۾ فوت ٿي ويو.ڪجهه سالن بعد ھن جو پيءُ ۽ سھرو وڪرم سنگھ بہ دھلي سلطنت سان ٿيل ھڪ جنگ ۾ مارجي ويا. .[6][7] ميران سان وقت گذرڻ سان ڪيتريون ئي غلط روايتون منصوب ٿي ويون جن ھڪ شھنشاھ اڪبر ۽ تان سين جي ساڻس ملاقات به ھڪ آهي. پر حقيقت اها آهي تہ ميران جي وفات کان پندرهن سالن بعد تان سين اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ شامل ٿيو.[4] ھڪ روايت مطابق ھيء گرو روي داس جي شاگرد ۽ مريد ھئي ۽ کيس ديوتس، گرڌر ۽ روحاني مڙس سڏيندي هئي . پر اھڙي ڪابہ شھادت تاريخ ۾ موجود ناهي .اصل ۾ ٻئي ھم عصر نہ ھيا ۽ ٻنھي جي وچ ۾ ھڪ سؤ سالن جي عرصي کان بنهه وڌيڪ جو فرق آهي.[4]
ھن جي شاعري جو موضوع ڪرشن آهي جيڪو ھڪ يوڳي آهي ۽ ھيء پاڻ وري يوڳڻ جيڪا ان سان ھڪ روحاني رشتو رکندڙ آهي. ھن جي شاعري کي ڀڄن چيو ويندو آهي. گرو گوبند سنگھ پنھنجي ڪتاب پريم امبوڌ پوٿي ۾ ميرا کي سک ازم جي 16 ڀڳتي صوفين ۾ شمار ڪندي ان جي شاعري کي پنھنجي ان ڪتاب ۾ شامل ڪيو. [9]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 Usha Nilsson (1997), Mira bai, Sahitya Akademi, ISBN 978-8126004119, pages 1-15
- ↑ "Mira Bai". Encyclopædia Britannica.
- ↑ 3.0 3.1 {رسالو: سرتيون؛مضمون: ميران ٻائي؛از: فتح چند مينگهراج آڏواڻي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
- ↑ 4.0 4.1 4.2 Usha Nilsson (1997), Mira bai, Sahitya Akademi, ISBN 978-8126004119, pages 12-13
- ↑ Nancy Martin-Kershaw (2014), Faces of the Feminine in Ancient, Medieval, and Modern India (Editor: Mandakranta Bose), Oxford University Press, ISBN 978-0195352771, page 165
- ↑ David Kinsley (1997), Tradition and Modernity in Bhakti Movements (Editor: J Lele), Brill Academic, ISBN 978-9004063709, pages 88-89
- ↑ SR Bakshi (2002), Mirabai: Saints of India, Criterion, ISBN 978-8179380239, pages 42-45, 282-283
- ↑ Edwin Bryant (2007), Krishna: A Sourcebook, Oxford University Press, ISBN 978-0195148923, page 244
- ↑ JS Hawley and GS Mann (2014), Culture and Circulation: Literature in Motion in Early Modern India (Editors: Thomas De Bruijn and Allison Busch), Brill Academic, ISBN 978-9004264472, pages 113-136