ميان جو ڪوٽ انگريزي (Mian Jo Kot) سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي قديم شهر واهي پانڌي ويجهو کيرٿر جابلو سلسلي ۾ نئي نلي جي ڪناري سان واقع آهي. تاريخ ڪلهوڙا دور ۾ لکيل آهي ته هيءَ ڪوٽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي ٺهرايو هو پر هن ڪوٽ جو تاريخ مظهر شاهجهان ۾ نيرون ڪوٽ قلعي ۽ پرڳڻي طور تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي جنهن جو ذڪر ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس ۾ به الڳ بيان موجود آهي. سادن پٿرن سان تعمير ٿيل هيءُ ڪوٽ اٽڪل چار ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ سندس وچان نئي نلي جو پاڻي پڻ وهي ٿو جيڪو ڪوٽ جي ايراضي اندر پوکي راهي لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. "واهي پانڌي لڳ ميان جو ڪوٽ" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-05.