مولانا ظھير الدين بکري
مولانا ظهير الدين بکري: وڏو عالم فاضل ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. اُن زماني ۾ نحو، فقهه ۾ اصل فقهه ۾ سندس مٽ ڪونه هو. بکر مان لڏي وڃي دهليءَ ويٺو، جتي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. ڪيترن ئي ماڻهن کانئس علمي فيض حاصل ڪيو. مشهور عالم ۽ صوفي بزرگ علامه شمس الدين يحيٰ اودي (وفات 747ھ) سندس شاگرد هو. طريقت ۾ علامه شمس الدين، حضرت خواجه نظام الدين اولياء جو مريد هو. حضرت خواجه نظام الدين اولياء جو خليفو ۽ جاءِ نشين حضرت خواجه محمود چراغ دهلوي (وفات 7577ھ) علامه شمس الدين جو شاگرد هو.علامه ظهير الدين بکري، سلطان غياث الدين بلبن جو خاص درباري هو، ۽ هن جو مٿس وڏو اعتماد هو. طريقت ۾ علامه صاحب پهريائين پنهنجي بادشاهه جي مرشد حضرت رڪن الدين ملتاني (وفات 735ھ) جو مريد هو. ان کان پوءِ سلطان محمد تغلق جو زماني ۾ حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ دهلوي جو مريد ٿيو. اٺين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.ضياءَ برني، علاوالدين خلجيءَ جي زماني جي عالمن بابت لکيو آهي، ته اُهي علمن ۽ فنن ۾ ڪمال حاصل ڪري، غزاليءَ ۽ رازيءَ جي مرتبي کي وڃي پهتا. انهن عالمن جي فهرست ۾ برنيءَ مولانا ظهير الدين بکريءَ جو نالو به شامل ڪيو آهي. [1]نزهته الخواطر ۾ آيو آهي ، ته نحو ، لغت ، فقهه ۽ اصول فقهه ۾ هن کان وڌيڪ ان زماني ۾ ڪوبه عالم نه هو. کانئس ڪيترن ماڻهن فائدو پرايو، جن مان شمس الدين محمد بن يحيٰ اوڌي به هو، جنهن کانئس فقهه ۽ اصول فقهه پڙهيو.[2][3]جنت السنڌ جي مطابق:مولانا ظهيرالدين بکري علم ۽ فضيلت ڪري بلند پايه بزرگ هو. سلطان علاءُ الدين جو درٻاري هو. مولانا برهان الدين، ظهيرالدين بکريءَ جو هم وطن ۽ همعصر هو. سلطان علاءُ الدين جو درٻاري هو. سندس پٽ ڪمال الدين آخر سنڌ جو قاضي ٿيو، جنهن کي ابن بطوطا ’قاضي قضات سند و هند‘ لکي ٿو. خطيب بغدادي سيوهڻ جي جامع مسجد جو پيش امام هو. شيخ ابن بطوطا وٽس حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه جو پروانو ڏٺو هو، جو خطيب بغداديءَ جي ڏاڏي کي دمشق جي درٻار کان مليو هو.[4][5]
|
---|
مولانا مولانا ظھيرالدين بکري | |
---|---|
پیدائش | سيوھڻ |
وفات | دھلي |
قومیت | سلطنت دھلي جي |
نسل | سنڌي |
دور | سنڌ ۾ سمن جو دؤر، |
مذھب | اسلام |
فقہ | حنفي مسلڪ |
عملي شعبو | فقہ، اصول فقه، نحو، لغت |
مرشد | نظام الدين اولياء ۽ رڪن الدين ملتاني |
متاثر ٿيو
| |
متاثر ڪيائين
|
حوالا
سنواريو- ↑ تاريخ فيروز شاهي : برني ، اردو ترجمو، ص 514 .
- ↑ نزهة الخواطر، جلد 2، ص 66.
- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ { عجائب الاسفار: جلد-2، باب-1، ذڪر شهر سيوستان. پرواني جو سال 99ھ هو.}
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي