مولانا جان محمد عباسي

مولانا

مولانا جان محمد عباسي
تاريخ پيدائش: 1923ع
ڄم جي تاريخ: لاڙڪاڻو
وفات جي تاريخ: 2003ع
وفات جی جاء: ڪراچي

مولانا جان محمد عباسي جماعت اسلامي پاڪستان جو سينئر اڳواڻ ھو۔ ھی لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. مولانا کي 1958ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي امير جماعت جي عهدي تي ترقي ڏني وئي۔ هو بعد ۾ سنڌ صوبي جو امير ۽ پوءِ جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير چونڊيو ويو۔

عباسي صاحب پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ تمام گهڻو مشهور هو، پر سال 1977ع ۾ جڏهن هن ان وقت جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي خلاف لاڙڪاڻي جي هڪ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس اغوا ڪيو ويو، جنهن سبب بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي۔

مولانا جي سياسي زندگي چونڊین جي جنگين سان ڀريل هئي، پر کيس ڪڏهن به چونڊن ۾ ڪاميابي نه ملي۔ جڏهن ته سال 1983ع ۾ سندس هڪ پٽ قربان علي عباسي لاڙڪاڻي ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو۔ مولانا جماعت اسلامي کي عوام ۾ مقبول ۽ قابل قبول بنائڻ جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ سندس ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين۔ کيس لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو۔

حوالا سنواريو