موسيٰ زئي شريف پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ واقع هڪ ننڍو شهر آهي.

مشهور نقشبندي درگاه خانقاه احمديه سعيديه هن شهر ۾ واقع آهي جتي ڪيترن ئي نقشبندي صوفي بزرگن جون قبرون موجود آهن. هن درگاه جي بنياد حاجي دوست محمد قنڌاري وڌي جيڪو شاه احمد سعيد مجددي مهاجر مدني جو وڏو خليفو هو. سنڌ جي نقشبندي بزرگ پير مٺا سائين جو سلسلو به هن درگاه سان ملي ٿو.