خانقاه احمديه سعيديه

خانقاه احمديه سعيديه پاڪستان ۾ نقشبندي طريقت جي هڪ مشهور خانقاه يا درگاهه آهي. هي خانقاه موسيٰ زئي شريف شهر ۾ آهي جو ڊيرا اسماعيل خان ضلعي، خيبر پختونخوا صوبي ۾ واقع آهي.

هن درگاهه جو بنياد حاجي دوست محمد قندهاري نقشبندي وڌو، جيڪو شاه احمد سعيد مجددي مهاجر مدني جو وڏو خليفو هو. پاڻ خانقاه جو نالو پنهنجي مرشد جي نالي پويان رکيائين. کانئس پوءَ هن درگاهه جو انتظام سندس وڏي خليفي خواجه محمد عثمان داماني هلايو، جنهن وصيت ڪري هي درگاهه پنهنجي صاحبزادي خواجه سراج الدين جي حوالي ڪئي.

ويهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جي علمبردار صوفي بزرگ پير مٺا سائين جو سلسلو به هن درگاهه سان جڙيل آهي. پير مٺا سائين جو مرشد پير فضل علي قريشي خواجه سرج الدين جو خليفو هو.