پاڪستان ۾ اردو ڪرڪيٽ ڪمينٽري جو باني۔ پاڻ بہ ڪرڪيٽر رھيو ۽ صرف ھڪ فرسٽ ڪلاس ميچ ۾ شرڪت ڪئي۔ منيرحسين سن 1969 ۾ پھريون ڀيرو ھڪ ڪلب ٽورناميبٽ جي فائينل جي ٽي وي ۽ ريڊيو تي چند منٽن جي لاءِ اردو ۾ ڪمينٽري ڪئي۔ان وقت ڪرڪيٽ ڪمينٽري صرف انگريزي ۾ ٿيندي ھئي پر منيرحسين ارباب اختيار جي سوچ تبديل ڪندي انھن کي اردو ۾ ڪمينٽري شروع ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پنھنجي منفرد انداز بيان سان ان کي بي پناھ مقبول بڻائي ڇڏيو۔ منير حسين ڪرڪيٽ جي حوالي سان ’اخبار وطن‘ جاري ڪئي جنھن ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل فردن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي۔ بعد ۾ ھن شو بزنس تي بہ ميگزين بہ جاري ڪيو ۽ ھن جي پبلشنگ ھائوس ڪيترائي ڪتاب بہ شايع ڪيا۔ 9 جولاءِ 2013ع تي ڪراچي ۾ انتقال وفات ڪري ويو۔

منير حسين
فائل:Munir Hussain.jpg
ذاتي معلومات
پيدائش 29 نومبر 1929(1929-11-29)
امرتسر، برطانوي راڄ (ھاڻي ڀارت)
وفات 29 جُولاءِ 2013 (عمر 83 سال)
ڪراچي، پاڪستان
بيٽنگ انداز سڄي ھٿ جو بيٽس مين
بالنگ انداز Right-arm وچولو تيز
ڪردار بالنگ
ڪيريئر انگ اکر
مقابلو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ
ميچ 1
رنسون ٺاھيون 12
بیٽنگ 6.00
100s/50s 0/0
ٽاپ اسڪور 10
بال ھلايا 174
وڪٽ 2
بالنگ 32.00
اننگز ۾ 5 وڪٽ 0
ميچ ۾ 10 وڪٽ 0
بھترين بالنگ 2/64
ڪيچ/اسٽمپ 0/–
Source: ESPNcricinfo, 26 آگسٽ 2013