مشتاق ڀرڳڙي (انگريزيMushtaque Bhurgri) (جنم: 16 سيپٽمبر1974ع - وفات: 18 جولاءِ2007ع)سنڌي ٻولي جو نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس۽ نقاد هو.

زندگي جو احوال سنواريو

مشتاق ڀرڳڙي جو پورو نالو مشتاق علي ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي هو.سندس جنم 16 سيپٽمبر 1974ع تي ڳوٺ اٺين شاخ،جوهي تعلقي دادو ضلعي،سنڌ ۾ ٿيو.[1][2][3]

تعليم سنواريو

مشتاق ڀرڳڙي شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول وزير آباد محلو دادو، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان حاصل ڪئي. هن ٻارهين جماعت ۽ ٻي ايس سي جا امتحان استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيا. ايم ايسنڌ يونيورسٽيڄامشورو مان پاس ڪيائين.[1]

ادبي خدمتون سنواريو

مشتاق 1988ع کان لکڻ شروع ڪيو. رمجهم نالي رسالو دادو شهر مان پڌرو ڪندو هو جنهن جو ايڊيٽر به رهيو. سندس ڪيترائي، ڪالم ڪهاڻيون، تنقيدي مضمون شايع ٿيا. سندس هيٺيان اهم ڪتاب آهن:[1]

  • پاڇي ڪهاڻيون 1999ع
  • موکي مٽ اپٽيا گڏيل شاعري 2005ع
  • لفظ نه آهن کيڏوڻا مضمون، ڪالم، خاڪا 2005ع
  • سفر ڪهاڻيون 2009ع

وفات سنواريو

مشتاق ڀرڳڙي 18 جولاءِ 2007ع ۾ لوڪ پڌاري ويو.[3]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "ڀرڳڙي مشتاق : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-08. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-07-08. 
  3. 3.0 3.1 اوٻارا عَبير جا. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17311&BookTitle=Obara-Ubeer-Jaa.