مزاري: هيءُ به رند بلوچن مان آهن. روجھاڻ ۾ رهندا آهن، جتي انهن جو سردار رهندو آهي. اهو شهر ديري غاري خان جي ضلعي ۾ آهي. انهن جون به گھڻيون شاخون آهن، جيئن ته گلراڻي بلوچاڻي، جرڪاڻي، سنبلاڻي، کور کاڻي، سادواڻي وغيره.[1]مغلن جي دور ۾ اُٻاوڙي ۽ ڪشمور کان وٺي ديري غازي خان تائين، مزارچه رياست قائم ڪيائون. روجهاڻ سندن تختگاه آهي. ٽالپرن جي صاحبيءَ جي زماني ۾ سهراباڻي سرڪار جي ماتحت هئا[2]. مزارچه هيءَ رياست ڪشمور ۽ اوٻاوڙي کان وٺي ڊيره غازي خان تائين هئي. روجهاڻ سندن صدر مقام هو[3].

مزاري (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

رند

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو