مروان ابن حاڪم
مروان ابن حاڪم | |
---|---|
(عربي ۾: مروان بن الحكم) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 28 مارچ 623 مڪو |
موت | 7 مَئي 685 (62 سال) دمشق |
شھريت | خلافت اموي |
ٻار | عبد المالڪ ابن مروان |
ڪٽنب | بنو اُميه |
عملي زندگي | |
پيشو | والي ،سياستدان ،خليفو |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
عسڪري خدمتون | |
ترميم |
مروان بن حڪم بني اميه خاندان جو چوٿون خليفو آهي . انتهائي ظالم ۽ فاسق شخص هو . سندس پيء حڪم رسول الله صلي الله عيه وسلم جن جو نقل ڪندو هو ۽ کين تڪليفون ڏيندو هو، جنهن ڪري پاڻ سڳورن کيس ۽ سندس پٽ کي مديني مان جلاپطن ڪري ڇڏيو , ابتدائي ٻن خليفن جي دور ۾ به هو مديني ڪونه اچي سگهيا . حضرت عثمان رضي الله عنه مائٽي جو لحاظ رکندي کيس مديني اچڻ جي اجازت ڏني ۽ مروان کي پنهنجو مهرر مقرر ڪيو . مروان ان عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي خليفي جي نالي تي عوام کي آزارڻ لڳو , نتيج ۾ بغاوتن جنم ڏنو ۽ انهن دوران حضرت عثمان رضي الله عنه جي شهادت ٿي .
مروان ابن حاڪم Marwan I | |||||
---|---|---|---|---|---|
بنو اُميه جو ڇوٿون خليفو | |||||
جون 684 – 12 اپريل 685 | |||||
پيشرو | معاويہ ابن يزيد | ||||
جانشين | عبد الماڪ | ||||
جيون ساٿي | امه هاشم فخيته | ||||
نسل | عبد الماڪ 'عبدالعزيز عبد الرحمان بِشر محمد عمر عثمان عبيدالله | ||||
| |||||
گهراڻو | مروند | ||||
شاھي گھراڻو | اميه | ||||
پيءُ | الحڪم ابن ابي العاص | ||||
ماءُ | امينا بنت القامه ال ڪنيها | ||||
جنم | 28 مارچ 623 طائف، جزيره نما عرب | ||||
لاڏاڻو | اپريل/مئي 685 (عمر 63 سال) دمشق |
خلافت علي عليه السلام جي دور ۾
سنواريوحضرت علي رضي الله عنه جڏهن خليفا ٿيا ته پاڻ مروان جي تلاش ۾ ماڻهو موڪليا , پر هو روپوش ٿي ويو
خلافت معاويه ج دور ۾
سنواريومديني مان نڪرڻ بعد مروان شام ۾ حضرت معاويه وٽ آيو ۽ کيس حضرت علي رضي الله عنگ خاف ڀڙڪايائين .
مروان ۽ حسين بن علي
سنواريومعاويه جي وفات بعد جڏهن يزيد جي بيعت جو وقت آيو ته مروان مديني جي گورنر کي حضرت حسين بن علي رضي الله عنه خلاف سخت قدم کڻڻ جو چيو . پر مديني جو والي محب اهل بيت هجڻ ڪري سندس ڳاله نه مڃي , هڪ دفعي جڏهن حسين بن علي ۽ گورنر مدينه پاڻ ۾ مليا ته مروان وچ ۾ ٽپو ڏيندي گورنر کي چيو ته
"هي سٺو موقعو آهي . هتي ئي کيس قتل ڪري ڇڏيو ."
خلافت
سنواريومعاويه جي استعفي بعد ملڪ خانه جنگي ۽ وڳوڙ ۾ داخل ٿي ويو , اموين جي ئختکف گروهن ۾ اقتدار لاء ڪشمڪش شروع ٿي وئي . آخرڪار مروان سڀني کي مات ڏئي ملڪ جو بادشاه ٿي ويو . سندس خلافت تي ويهڻ سان اسلامي سلطنت ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ خانه جنگي گهڻي قدر ختم ٿي وئي . البته هو هڪ ظالم ۽ جابر حاڪم هو .