نجران(انگريزي: Najran ) سعودي عرب جي ڏکڻ-اولھ ۾ يمن جي سرحد لڳ ھڪ شھر آھي جيڪو نجران صوبي جو گادي جو هنڌ آهي. 1974 ۾ ھن شھر جي آبادي 47500 ھئي جيڪا 2017 ۾ وڌي 5000000 لک تائين پھتي. ھتان جي آبادي جي اڪثريت شيعه اسلام ۽ اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ آهي. نجران لفظ جي ھڪ معني دروازي جو ڪاٺي جو چؤڪاٽو آهي ۽ ٻي معني اڃارو آھي. ھڪ روايت مطابق ھن شھر ۾ پھريون ماڻھو جيڪو رھڻ آيو ان جو نالو نجران ھيو.

نجران
نجران جو قلعو
نجران جو قلعو
نجران is located in Saudi Arabia
نجران
نجران
سعودي عرب ۾ نجران جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 17°29′30″N 44°7′56″E / 17.49167°N 44.13222°E / 17.49167; 44.13222
ملڪ سعودي عرب
خطو نجران صوبو
قيام 2000 ق م
حڪومت
 • ميئر فارس الشفق
 • صوبائي گورنر جيلاوي بن عبدالعزيز بن مسعيد بن جيلاوي السعود
بلندي 1,293 ميل (4,242 ft)
آبادي (2010)
 • ڪل 505,652

تاريخ سنواريو

نائين ھجري ۾ حجاز ۽ يمن وچ ۾ واقع نجران ۾ عيسائين جي حڪومت ھئي جنھن جو ھڪ وفد بني ﷺ جن سان پڻ ملڻ آيو ھو.ان علائقي ۾ 73 وسنديون شامل ھيون ۽ چيو ويندو هو تہ انھن مان 120000 جنگ جي قابل مرد نڪري سگھيا پئي[1]. ان وقت اتان جي سموري آبادي عيسائي ھئي جيڪا ٽن سردارن جي زير اثر ھئي جيڪي عاقب، سيد ۽ اسقف سڏبا ھيا. جن مان عاقب قوم جو امير سڏبو هو، سيد انھن جي سياسي ۽ تمدني معاملن جو نگران ھيو، ۽ اسقف (بشپ) سندن مذھبي پيشوا ھيو[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 246