محمد باقر

ٻارهن شيعہ امامن مان پنجون امام

محمد باقر
(عربي ۾: مُحَمَّدَ بْنَ عَلِيٍّ الباقر خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 8 مَئي 677  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مدينو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 26 جنوري 733 (56 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مدينو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت اموي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ زين العابدين[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
استاد زين العابدين  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو student of (P1066) وڪي ڊيٽا تي
پيشو امام  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

حضرت امام محمد باقر عليه السلامۃ شیعہن جو پنجون امام آهي.

محمد باقر

تعارف سنواريو

حضرت امام محمد باقر جي سن 57 هجري ۾ مديني ۾ ولادت ٿي. سندن والد جو نالو امام زين العابدين جي شهادت وقت، جيڪا سن 94 هجري ۾ ٿي، حضرت 39 سالن جا هئا. سندن نالو” محمد“ ڪنيت ”ابو جعفر“ ۽ لقب ”باقر العلوم“ هو.

امام محمد باقر جو والده محترمه حضرت ”ام عبدالله“ امام حسن جي نياڻي هئي. ان ڪحاظ کان امام محمد باقر اڪيلا امام آهن جيڪي ڏاڏاڻ ۽ ناناڻ طرفان علوي ۽ فاطمي آهن. يعني امام جا والد به امام هئا، امام جا ڏاڏا امام حسين به امام هئا، ۽ امام جا نانا امام حسن به امام هئا.

امام- محمد باقر عه جي ولادت پهرين رجب 57ھ ۾ ٿي. سندس نالو محمد، ڪنيت ابو جعفر ۽ لقب ’باقر‘ آهي. سندس والد جو نالو علي -بن- الحسين سيد سجاد عه ۽ والده جو نالو فاطمه بنت -امام- حسنعه آهي ۽ -امام- محمد باقرعه ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي طرفن کان فاطمي ۽ علوي آهي. -امام- باقر، رسول اڪرم صلي -الله- عليه وسلم -جن- سان مشابهت رکندو هو، -ان- ڪري کيس شبيهه مصطفيٰ جو لقب ڏنو ويو. امام محمد باقرعه، معاويه ابن ابو سفيان جي دور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد حضرت -امام- علي -بن- الحسين عه کي عبدالملڪ -بن- مروان جي حڪم سان زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. -ان- وقت (95ھ) سندس عمر 38 سال هئي، -امام- محمد باقرعه وڏو عبادت گذار هو. وقت جو حڪمران هشام -بن- عبدالملڪ هڪ ڀيري حج ادا ڪرڻ لاءِ مڪي پهتو، اتي -امام- محمد باقر عه ۽ سندس فرزند -امام- جعفر صادق عه به موجود هئا. -امام- جعفر صادق عه -ان- موقعي تي تقرير ڪندي چيو ته اسين هن زمين تي -الله- جا خليفا آهيون، هشام -بن- عبدالملڪ -امام- محمد باقر عه ۽ -امام- جعفر صادق عه کي دمشق ۾ طلب ڪري قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کين آزاد ڪيو ويو. 7 ذوالحج سن 114ھ تي هشام -بن- عبدالملڪ جي حڪم تي -امام- باقر کي زهر ڏنو ويو. سندس شهادت بعد کيس -جنت- البقيع/ مدينه منوره ۾ دفن ڪيو ويو. شهادت وقت سندس ڄمار 57 سال هئي.[3]

امام باقر جي لاء رسول الله جا سلام سنواريو

جابر جيڪو رسول اڪرم جو وڏو صحابي ۽ اهل بيت سان خاص عقيدت رکندو هو، چوي ٿو: هڪ ڏينهن رسول اڪرم مونکي فرمايو: مونکان بعد منهنجي خاندان جو هڪ فرد ڏسندين جنهن جو نالو منهنجي نالي تي ۽ جنهنجي شڪل منهنجي صورت مطابق هوندي، هو علم جي دروازن کي ماڻهن لاء کوليندو.

ان ڳاله کي ڪيترائي سال گذري ويا، چوٿي امام جو زمانو آيو. هڪ ڏينهن جابر مديني جي گهٽين مان گذري رهيو هو جو سندس نظر امام محمد باقر تي پئي. جڏنهن غور ڪيائين ته رسول اڪرم جون ڏسيل نشانيون مڪمل طور تي ان ۾ پاتائين، سوال ڪيائين: اوهان جو نالو ڇا آهي.

امام فرمايو: منهنجو نالو محمد بن علي بن الحسين آهي.

جابر امام جي پيشاني تي بوسو ڏنو ۽ عرض ڪيائين: اوهانجو ڏاڏي پيغمبر منهنجي ذريعي اوهان لاء سلام موڪليا آهن.

جابر ان ڏينهن کان پوء رسول اڪرم جي زباني امام باقر جي ٻڌايل عظمت ڪري هر روز ٻه دفعا امام جي زيارت لاء ويندو هو. ۽ مسجد نبوي ۾ ويهي ڪري ماڻهن لاء رسول اڪرم جي اڳ ڪٿي بيان ڪندو هو.

شهادت سنواريو

امام محمد باقر 7 ذي الحجه سن 114 هجري ۾ شهيد ٿيا ۽ مديني جي مشهور قبرستان ”بقيع“ ۾ پنهنجي بابا ۽ نانا جي ڀرسان آرامي ٿيا. امام جي امامت جي مدت 18 سال هئي.[4]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. عنوان : Мухаммад Бакир — شائع شدہ از: Islamskiy enciklopedicheskiy slovar
  2. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb15008600f — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  3. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=امام%20محمد%20باقر%20عليه%20السلام
  4. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-01-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-01-25