محمدالياس قادري

دعوت اسلامي (غير سياسي جماعت) جو باني

امير اھلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطارقادري رضوي[1] ضيائي دامت برڪاتهم العاليه 26 رمضان المبارڪ 1369ھ/1950ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄاوا. شروعاتي -تعليم- ڪراچيءَ ۾ ئي حاصل ڪيائون. سندن والد صاحب جو نالو حاجي عبدالرحمان قادري هو، جيڪو هڪ ديندار ماڻهو هو ۽ هڪ اداري ۾ ملازمت ڪندو هو. پاڻ ننڍا هئا ته سندن والد صاحب حج تي ويو، -جتي- منيٰ ۾ لُڪَ لڳڻ سبب وفات ڪري ويو. اصل ۾ سندس وڏا ڪڇ جي ”ڪُنڀار“ شهر جا رهاڪو هئا. قيام پاڪستان جي لڏپلاڻ دؤران پهريائين حيدرآباد ۾ قيام فرمائون، پوءِ اُتان وري ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيا. پاڻ خليفه اعليٰ سيدي قطب مدينه حضرت علامه مولانا ضياءُ الدين احمد مدني قادري رضويءَ جا مريد آهن. کين چئني سلسلن جي خلافت حاصل آهي، پاڻ هڪ ديني ”عاشقان رسول صلي اللہ عليه وآله وسلم جن جي مدني تحريڪ“ جو آغاز 1401ھ/1982ع ۾ ڪرڻ فرمايائون، جيڪا ڏسندي ڏسندي دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن تائين پکڙجي وئي. هن تحريڪ جو نالو دعوت اسلامي رکيو ويو. دنيا ۾ سندن لکين مريد آهن. هن جماعت جو ساليانو اجتماع ملتان ۾ ٿيندو هو، جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. کين نعتيه شاعريءَ سان ڪافي لڳاءُ آهي. سندن ڪافي تصنيفون آهن، -جن- ۾ ’فيضان سنت‘ ، جنهن جو دنيا جي 15 زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. ’آداب طعام‘، ’فيضانِ رمضان‘، ’پردي جي باري ۾ سوال جواب‘، ’رسائل عطاريه‘، ’نماز جا احڪام‘، ’رفيق الحرمين‘، ’چندي جي باري ۾ سوال جواب‘، ’مدني پنج سوره‘، `ڪفريا ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب` ’عقيقي جي -باري- ۾‘، ’خودڪشيءَ جو علاج سوال جواب‘، ’امام حسين جون ڪرامتون‘، ’40 روحاني علاج‘، ’گهريلو علاج‘ مشهور آهن. ’مغلانِ مدينه‘ ’ارمغانِ مدينه‘۽ وسائل بخشش سندن نعتيه شاعريءَ جا ڪتاب آهن. پاڻ 2008ع ۾ هڪ اسلامي چينل شروع ڪيائون جنهن جو نالو مدني چينل آهي. جيڪو سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويندو آهي۔[2]

حضرت علامه مولانا ابوبلال محمدالياس عطار قادري رضوي ضيائي دامت برڪاتهم العاليه
پيدائش جُولاءِ 1950 (عمر 73 سال)
Hijri date: 26 رمضان المبارڪ 1369
رھائش ڪراچي, Sindh, پاڪستان
تعليمي پسمنظر
متاثر ڪندڙ امام اھلسنت مجدد دين و ملت پروانهءِ شمع رسالت حضرت علامه مولانا امام احمد رضا خان عليه الرحمة الحمٰن, امام اعظم ابو حنيفہ رحمة اللہ عليه
علمي خدمتون
اسڪول يا رواج سني, قادري صوفي
مُکيه دلچسپي دعوت اسلامي

حوالا سنواريو