مجاهد چانڊيو 1935ع ڌاري چانڊڪا جاگير، غيبي ديري جي هڪ ڳوٺ ’ٺل‘ ۾ جنم ورتو. تعلقي وارھ جي کنڊو مدرسي مان فارسي ۽ سنڌي فائنل ڪري، پرائمري استاد ٿيو. چانڊيو صاحب پٺتي پيل علائقي ۽ جاگيرداري نظام ۾ علم جو شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪول کولرائي، انهن ۾ پنھنجي بدلي ڪرائي ٻارن ۽ اتان جي اڻپڙهيل ڳوٺاڻن ۾ شعور پيدا ڪندو رهيو. سندس خصوصيت اها هئي تہ هو پٺتي پيل ڳوٺن ۾ اسڪول کولرائي پاڻ کي ان اسڪول ۾ مقرر ڪرائيندو هو ۽ ان اسڪول کي مچائي اسڪول ڪنھن ٻئي استاد حوالي ڪري وري ڪو ٻيو ڳوٺ وسائيندو هو. اهڙي طرح وارھ ۽ قمبر ۾ هن 20 کان 25 نوان اسڪول کولرايا. هن مشرقي ٻولين واري شعبي مان اديب، عالم ۽ فاضل جي سند حاصل ڪئي. ڪيترائي مضمون، افسانا، تاريخي مقالا لکيا، جيڪي نئين زندگي ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپيا. سندس تاريخي ناول ’چانڊڪا‘ 1963ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن جو ٻيو ايڊيشن 1998ع ۾ شايع ٿيو. چانڊين جي تاريخ تي مشتمل سندس ٻيو ڪتاب ’تنين سين ڏيٺ‘ 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.[1]