مثنوي چنيسر نامہ
مثنوي چنيسر نامه: (فارسي) هيءَ فارسي مثنوي ادارڪي بيگلاري، ڏهين صدي هجريءَ جي شاعر جي تصنيف آهي. ادراڪيءَ سنڌ جي ترخان حاڪمن جيتاريخ ”بيگلار نامہ“ پڻ لکي هئي، جا هڪ مستند دستاويز آهي ۽ گهڻو وقت اڳ، ’سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ‘ طرفان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائي ويئي هئي. ”ليلا چنيسر“ سنڌ جي هڪ مشهور عشقيه ڪهاڻي آهي، جنهن جو دور ستين صدي هجري چيو وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي تاريخي حيثيت مشڪوڪ آهي، ڇو ته ان ۾ ڄاڻايل ڪردار، جغرافيه مقامات آهي ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون يا ته بنهه ڪوڙيون آهن يا وري انهن جي بيان ۾ تضاد آهي ۽ بعض ڳالهيون عقل سليم جي مڃڻ کان بعيد آهن. انهيءَ ڪري جيسين اهڙا تاريخي ماخذ ۽ دستاويز منظر عام تي اچن، جيڪي هن ڪهاڻي کي سچو ثابت ڪن، تيسين اسين ليلا-چنيسر جي ڪهاڻيءَ کي محض ”لوڪ ڪهاڻي“ ئي سمجهنداسون ۽ اهڙي قسم جون ڏندڪٿائون ٿوري گهڻي فرق سان ڪيترن ملڪن ۽ قومن ۾ مشهور آهن. پر انهن حالتن جي باوجود، هڪ ڳالهه بلڪل صاف ۽ مسلم آهي ته سنڌ جي عشقيه داستانن ۾ بداخلاقي، بي راهروي ۽ غير صحتمند ماحول ڪڏهن ڪونهي. بهرحال ليلا-چنيسر جي ڪهاڻيءَ جي ندرت سببان ئي شايد ادراڪي بيگلاري هن قصي کي پنهنجي مثنويءَ جي موضوع بڻايو. هيءَ مثنوي سنڌ ۾ فارسي ادب جو سنگ ميل آهي، ڇو ته ان کان پوءِ ئي ٻين شاعرن جون تخليقون منظر عام تي آيون ٿيون ڏسجن. انهيءَ زماني (ارغون ۽ ترخان) ۾ لکيل ٻيون به مثنويون آهن: شاهه جهانگير هاشميءَ جيمثنوي ”مظهر الاثار“ جا شاهه حسين ارغون تاءِ 940 هجري ۾ لکي ويئي ۽”ترنم عشق“ مثنوي جيڪا ٺٽي جي محمد مقيم شاعر، مرزا جاني بيگ جي دور ۾ لکي.مير معصوم شاهه بکريءَ جو”خمسه“ ته چند سال پوءِ لکيو ويو هو ۽ ان کان اڳ، مثنوي ’چنيسر نامه‘ جو ملڪ ۾ چرچو هئو. ادراڪيءَ انهيءَ صدين جي پراڻي قصي کي، ڪنهن به رنگ روپ ڏيڻ کان سواءِ نهايت، سادي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، ۽ اسان جي سنڌي شاعرن، انهيءَ ڪهاڻي مان جيڪي نڪتا ڪڍيا آهن يا ڪن منظرن کي دلڪش بڻايو آهي، سا ڳالهه هن مثنويءَ ۾ ڪينهي. ان ڪري ٽيڪنيڪي ۽ فني نڪته نگاهه کان هن مثنوي ۾ جيڪا خاص خوبي ڪينهي. پر انهيءَ سڌي ۽ سادي مثنوي طرز ادا هوندي به ادراڪيءَ ڪيترا معرڪي جا شعر چيا آهن. جنهنڪري شاعرانه طور مثنوي جو مقام دلپسند ٿي پيو آهي. ازنسواءِ هن مثنويءَ جو بحر، مولانا جاميءَ جيمثنوي ”يوسف وزليخا“ جهڙو آهي، جنهنڪري مثنوي اثرائتي ٿي پيئي آهي. محبوب جي حسن جي تعريف، عشق جي راهه ۾ معشوق سان ملڻ جي اميد تي تيز روي ۽ تڪليفن جو مقابلو ۽ معشوق (عورت) جا لطيف احسان بيان ڪرڻ وقت شايد ادراڪيءَ جي سامهون جاميءَ جي يوسف وزليخا هئي، ڇاڪاڻ ته رات جي دلڪش ڪهاڻي يا معاملاتي شعر، هوبهو مولانا جاميءَ جي رنگ ۾ چيل معلوم ٿين ٿا. ’زليخا‘ بهرحال هڪ نبيءَ جي عورت هئي، [1]
حوالا
سنواريو- ↑ تبصرو، پير حسام الدين راشدي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع