متروڪا سنڌ يا متروڪا جائداد (انگريزي ٻولي: Matrooka Jaaidaad) ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان ٿورو پهرين تائين سنڌي مسلمانن جون لڳ ڀڳ 25 لک ايڪڙ زميون هندو سيٺين وٽ گروي ٿي چڪيون هيون. سنڌ اسيمبليءَ مارچ 1947ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ انتقالِ ايراضي بل منظور ڪيو ۽ بل منظوري لاءِ گورنر سنڌ کي اُماڻي ڇڏيو هو.

ان قانون تحت هندن وٽ گروي ڪري رکيل ايراضي انهن زمينن جي حقيقي مالڪن کي واپس ملي وڃڻي هئي. اهو بِل اڃان گورنر سنڌ وٽ ئي پيل هو جو آگسٽ ۾ ورهاڱو ٿي ويو ۽ پاڪستان ٺهي ويو. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ گورنر جنرل محمد علي جناح جي هدايت تي گورنر سنڌ ان بل جي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي هندن جي ڇڏيل سڀ زمينون ۽ ملڪيتون متروڪا جائيداد (Matrooka Jaaidaad) جي زمري ۾ آڻي ڀارت کان آيل هندستاني پناھگيرن ۾ ونڊڻ جي شروعات ڪئي وئي. ان عنصر مقامي آباديءَ تي ڏاڍا ناڪاري اَثر وڌا.

هندوستان کان آيل ۽ ايندڙ پناهگيرن، پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحاليءَ وارن سرڪاري محڪمن ۽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ۽ رشوتون ڏئي غلط طريقن سان ڪوڙن ڪليمن تي متروڪا دڪان، گھر ۽ وڏيون ايراضيون حاصل ڪري ورتيون. جڏهن ته مقامي سنڌين کي شهرن ۾ گھرن جي خريداريءَ کان قانوني طور تي روڪي ڇڏيو ويو هو. آباڪاريءَ جي قانونن ۾ هڪ نئين شق پڻ شامل ڪئي وئي، جنهن آهر فيصلو ڪيو ويو هو ته ملڪيت مقامي سنڌين کي وڪرو نه ڪئي ويندي. اهڙي طرح دڪانن جي خريداري جي لاءِ به مقامي سنڌين تي پابندي لڳائي ڇڏي وئي هئي.[1]

  1. سندھ کی سیاست از ڈاکٹر تنویر احمد طاہر