مائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽس


مائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽس(انگريزي: Federated States of Micronesia ) جنھن کي مختصرن مائڪرونيشيا چوندا آهن ھڪ خودمختيار ريپبلڪ آھي جيڪا يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي ساٿي رياست (Associated State) آھي. ان ۾ چار وفاقي رياستون ھرھڪ : ياپ رياست، چوڪ رياست، پونپيئي رياست ۽ ڪوسراء رياست شامل آهن جيڪي پيسفڪ سمنڊ ۾ اولھ کان اوڀر طرف واقع آھن. ھن فيڊريٽيڊ رياستن ۾ 607 ٻيٽ واقع آهن جن جي گڏيل پکيڙ 702 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪي ٻيٽ 2700 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڦھليل آھن. ان رياست جو پيسيفڪ سمنڊ ۾ سامونڊي حدن جي پکيڙ 2600000 لک چورس ڪلوميٽر آهي جيڪو دنيا جو چوڏھون وڏو مخصوص سامونڊي معاشي زون آھي[6].ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پالڪير آهي جيڪو پونپيئي ٻيٽ تي واقع آهي. ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر وينو آهي جيڪو چوڪ ٻيٽ تي واقع آهي.

مائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽس

Flag of فيڊريٽيڊ اسٽيٽس آف مائڪرونيشيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نسبتي نشان
شُعار: '" امن ، ٻڌي ، آزادي"
Location of فيڊريٽيڊ اسٽيٽس آف مائڪرونيشيا
گادي جو هنڌ پالڪير
6°55′N 158°11′E / 6.917°N 158.183°E / 6.917; 158.183
سڀ کان وڏو شھر وينو [1]
سرڪاري ٻولي انگريزي
تسليم ڪيل مقامي ٻوليون
نسلي گروھ (2000)
مقامي آبادي مائڪرونيشيائي
حڪومت وفاقيپارلياماني ريپبلڪ غيرجمائتي جمھوريت واري
• صدر
ڊيوڊ پينئيلو
Yosiwo George
مقننه ڪانگريس
آزادي آمريڪا کان
3 نومبر 1986
پکيڙ
• جملي
702 km2 (271 sq mi) (177th)
• پاڻي (%)
negligible
آبادي
• 2016 اندازو
104,937[2] (192nd)
•  گھاٽائي
158.1 /km2 (409.5 /sq mi) (75th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$367 million
• في سيڪڙو
$3,584[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$383 million

ھي ملڪ پھرين ٽرسٽ ٽيريٽري آف پيسيفڪ آئلينڊز (TTPI) جو حصو ھئي. اھو ٽرسٽ گڏيل قومن جو ھيو جنھن ۾ انتظاميه آمريڪا جي ھئي. 10 مئي 1979 ۾ ان پنھنجي آئيني حڪومت قائم ڪئي جيڪا 3 نومبر 1986ع ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان ڪامپيڪٽ فري ايسوسيئيشن تحت ھڪ خودمختيار رياست ۾ تبديل ٿي وئي. ٽرسٽ مان ڪجهه ٻيا ٻيٽ علحده ٿي الڳ خودمختيار رياستن ۾ تبديل ٿي ويا جن ۾ مارشل ٻيٽ ۽ پائولو شامل آهن.