لڪي شاھ صدر
لڪي شاھ صدر (انگريزي: Laki Shah Sader) سنڌ جي ڄامشورو ضلعو جو قديم شهر آهي. لڪي شاھ صدر سيوهڻ کان 19 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري انڊس هاءِ وي سان صفحه هستيءَ تي موجود آهي.[1] ڪتاب اھي ڏينهن آھي شينھن ۾ پير علي محمد راشدي لکي ٿو تہ لڪي اڳئين زماني ۾ ته لڪياري ساداتن جو ڳڙهه هئي، جتان سيد علي مڪي جي اولاد ٽڙي پکڙي ڪيئي وٿاڻ وڃي وسايا، پر اسان جي ابتدائي زماني ۾ هندن جو تيرٿ بڻجي چڪي هئي. ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي ”تيرٿ لڪي“ رکرايو هئائون(جو پاڪستان ٺهڻ کان پوء ”لڪي شاهه صدر“ ۾ تبديل ٿي ويو). لڪي شهر ۽ اسٽيشن جي سامهون پهاڙن ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما هندو پنهنجي قبضي ۾ ڪري، ات مندر وغيره ٺهرائي مست ٿي ويهي رهيا هئا. کـَـل جي بيمارين جا سٽيل انهن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ مان پيا ايندا هئا. ان کان سواءِ دنيا جهان جي هندو فقيرن، سنياسين، نانگن، ڀٽن ۽ ڪن چير ڪاپڙين جا ات ڳاها هوندا هئا. مسافرن جي اچڻ وڃڻ لاءِ لڪي اسٽيشن جي سامهون هڪ ڌرمشالا ٺهيل هئي، جت آيو ويو دم پٽي چشمن ڏانهن ويندو هو ان ڌرمشالا جا کنڊر اڄ تائين موجود آهن.[2]
لڪي شاھ صدر Laki Shah Sader | |
---|---|
شهر | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڄامشورو |
تاريخ
سنواريوتاريخ جنت السنڌ جي مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائي ۽ تحفته الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي[3] مطابق راجا دلوراءِ پنهنجي حڪمرانيءَ جي دور ۾ پنهنجي ڀاءُ ڇٽو امراڻي تي ظلم ڪيو. ڇٽو امراڻي بغداد جي خليفي وٽ دانهين ويو جنهن سؤ عرب سيد علي جي رهنمائي ۾ موڪليا. سيد علي راجا دلوراءِ کي شڪست ڏئي لڪي جبلن جي لڪ وٽ رهائش اختيار ڪئي. جنهنڪري اهو لڪ علوي يا لڪي سان مشهور ٿيو. ڇٽو امراڻي جي درگاھ اڄ به سيوهڻ شهر ۾ آهي. لڪي شهر ۾ پير صدرالدين شاھ لڪياري جي درگاھ آهي. انهيءَ ڪري پوءِ هيءُ شهر لڪي شاھ صدر سڏجڻ ۾ آيو. شاھ صدر سان پير پاڳارن ۽ لڪياري سيدن جي نسبت ڳنڍيل آهي. شاھ صدر جي مزار ۽ ريلوي لائين جي اولهه ۾ لڳ هڪ قديم قبرستان به آهي. انهن مقبرن جي ديوارن تي نقش نگاري به ٿيل آهي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ:"هيءُ جبل جي ويجهو شهر آهي ۽ ساداتن جي جاءِ آهي، جن کي لڪياري سيد چوندا آهن. سڀني ۾ وڏو سيد صدرالدين هو، جنهن کي شاهه صدر چوندا آهن ۽ جنهن جو قبو اتي آهي. هو سيد محمد جو پٽ هو ۽ انهيءَ جو پٽ سيد اول شاهه سالڪ مجذوب هو ۽ ٻيو پٽ سيد ابوالحسن ۽ انهيءَ جو پٽ وري سيد عبدالرسول هو. اهي . سيد محمد شجاع به سيد صدر جي پوٽن مان هڪڙو هو ۽ طريقي نقشبنديءَ جو هو. سيد غازي خان به لڪياري سيدن جو سرڪردو هو ۽ سيد حمزه به انهيءَ کان پوءِ ناليوارو ٿيو. انهن کان سواءِ ٻيو هڪڙو سيد حيدر نالي سن شهر ۾ ڪرامت وارو ٿي گذريو. جو مخدوم بلال جي صحبت ۾ رهيو.[4] لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي پريان، ڪي غار لڌا اٿن، جي ٽڪرن مان ٽاڪيل آهن. انهن بابت رايو ظاهر ڪيو اٿن ته اڳي انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. هن وقت انهن غارن مان ڪي وهٽن لاءِ وٿاڻ ٿي ڪم اچن ٿا. هاڻوڪي سيوهڻ اسٽيشن جي پريان ٽڪريءَ تي، انهيءَ قديم زماني جو هڪ غار آهي. جو ”ايڪ ٿنڀو“ يا ”هڪ ٿنڀو“ سڏجي ٿو. اُن جو ذڪر ڊاڪٽر ولسن ڪيو آهي. اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي، جنهن ۾ ماڻهو پناهه وٺندا هئا. لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي نزديڪ، ڪيتريون قبرون لڌيون اٿن، جن بابت انهيءَ طرف جا مسلمان رهاڪو چون ٿا ته اهي آڳاٽن ”ڪافرن جون قبرون“ آهن. اهي قديم ماڻهن جون قبرون پندرهن ويهه فوٽ ڊگهيون، اَٺ نو فوٽ ويڪريون ۽ اٽڪل ٻه فوٽ اوچيون آهن. اهڙيون قديم زماني جون اڻ گهڙيل پٿر جون قبرون منگهي پير جي پريان شاهه بلاول واريءَ واٽ تان، توڙي ڪراچيءَ کان جيڪو رستو ڪوٽڙيءَ ۽ سيوهڻ ڏي وڃي ٿو، تنهن شاهي سڙڪ تي آهن. انهن هنڌن جا مسلمان رهاڪو انهن کي به ”ڪافرن جون قبرون“ ڪوٺين ٿا. هندن ۾ به اڳي ۾ُردن پورڻ جو رواج هو. ۾ُردن ساڙڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو. جو باهه ٻارڻ جو هنر ماڻهو پوءِ سکيا. هنن حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته هاڻوڪي حب ندي انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ به هئي، ۽ چوماسي ۾ برسات جو پاڻي جبلن تان لهي منجهس اچي پوندو هو، جنهنڪري هن پاسي به پاڻيءَ جي سهنج ڪري ماڻهو رهي سگهيا ٿي؛ پر اها وري به بلوچستان جي حد ليکبي، تنهنڪري سنڌ جو وسيل پاسو رڳو سيوهڻ وارو طرف چئبو. سر بارٽل فريئر، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ جو ”فريئر هال“ سڏجي ٿو، تنهن سن 1851ع ۾ تاريخ کان اڳ واري زماني جي قبرن جو بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ لکيو هو.[5]
لڪي جا چشمان
سنواريولڪي شهر کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي لڪي جبلن ۾ سرد ۽ گرم قدرتي پاڻي جا چشما آهن. هت هڪ مسجد ۽ ٻن مندرن سان گڏ لڪي تيرٿ پڻ آهي. گرم پاڻيءَ ۾ وهنجڻ سان خارش جي بيماري ختم ٿي ويندي آهي.[6]
موجودھ شهر
سنواريوشهر لڪي شاھ صدر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائيمري اسڪول، هڪ هاءِ اسڪول ۽ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. هت ڪچي ۾ درياھ جي پاڻي تي دالين ۽ ڪڻڪ جا فصل وڌيڪ ٿين ٿا. هن شهر جي موسم مناسب حد تائين خوشگوار آهي.[7]
حوالا
سنواريو- ↑ {}
- ↑ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book10/Book_page2.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2004ع
- ↑ "قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html. Missing or empty
|title=
(مدد)} - ↑ https://www.google.com/#q=Laki+Shah+Sadar
- ↑ sindh tourism an archaeological journey - Google Search