لاکا (نصير آباد)
ديھ لاکا (انگريزي: Deh Lakha) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ کي ديھ لاکو يا لاکاٽ پڻ سڏين ٿا.
لاکا (نصيرآباد) ديھ لاکا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Lakha | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°24′04″N 67°53′42″E / 27.40111°N 67.89500°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 6,353 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڪانڌڙا، ڳوٺ پير محمد، ڳوٺ موندراڻي لاکو، ڳوٺ سعيد خان ڦلپوٽو واقع ھيا. ان وقت چيلو سنھڙو واھ ھن ديھ مان وھندڙ ھيو باقي خيرواھ ان وقت ڦٽي چڪو ھو[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ سعيد خان ڦلپوٽو، ڳوٺ موندر لاکا، ڳوٺ بلاول سوھو، ڳوٺ مرادي، ڳوٺ وانجي، فتح علي ڦلپوٽو واقع آھن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ مرادي ۽ ديھ واھوچا، اوڀر ۾ ديھ مرادي ۽ ديھ نصيرآباد، اولھ ۾ ديھ ڦيکراٽو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ مڱيو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. سنھڙو چيلو ڊسٽري ھن ديھ مان وھندڙ آھي. ڳوٺ موندر لاکا ۾ درگاھ صوفي سخي پريل شاھ قلندري واقع آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,353 ھئي جيڪا 1,127 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]