لئو
لئو (انگريزي: Red Tamarisk، سائنسي نالو: Tamarix articulata) وڻ آھي جيڪو سموري دنيا جي مختلف ھنڌن سميت سنڌ ۾ ملي ٿو.
قدبُت ۽ جسامت
سنواريوجيڪڏھن ھن کي وڌڻ ڏنو وڃي تہ 40 کان 50 فوٽن تائين اُوچو ٿي سگهي ٿو، لئي جي ٿڙ جي گولائي يا ٿولهہ 5-6 فوٽن تائين ٿي سگهي ٿي. ھن جي واڌ ويجهہ ڪنھن بہ ٻئي وڻ جي ڀيٽ ۾ تڪڙي ٿيندي آهي. لئي جا پن پکي کنڀن وانگر نرم ۽ ڏسڻ ۾ سوئين وانگر ھوندا آھن. لئي جي ڪاٺي نرم ۽ خوبصورت ھوندي آھي. لئي تي نوان گُلابي گل مئي مھيني ۾ ايندا آهن. جيڪي جون کان جولائي تائين رھندا ۽ نومبر کان جنوري تائين پورا ڇڻي پوندا. لئي جا ٻج تمام تمام سنھڙا ھوندا آھن، جيڪڏهن جُڳائيندڙ حالتون ھجن تہ لئي جي ٻج جو ڦوٽھڙو جام سٺو آهي.
سنڌ ۾ ٿيندڙ لئو
سنواريولئي جو وڻ لڳ ڀڳ سنڌ جي سڀني ڀاڱن ۾ ملي ٿو. لئو ھر قسم جي سخت موسم منھن ڏئي سگهي ٿو. ھيءُ وڻ سنڌو درياءَ جي ڪچي کان وٺي ٿر جي ڀٽن ۽ کيرٿر جي جابلو علائقن تائين ھر ھنڌ ملي ٿو. لئو هر قسم مٽي ۾ ٿي ويندو آهي. هي پاڻي جي کوٽ ۽ ٻوڏ کي پڻ منھن ڏئي ويندو آھي.
لئي جو ڪارج
سنواريوسنڌ ۾ لئو جو ڪارج تمام گهڻو ٿئي ٿو جنھن ۾ باھ ٻارڻ کان وٺي دُھل ٺاھڻ ۾ لئو جو ڪارج ٿئي ٿو ان کان سواءِ لئو مان ڪيتريون ئي شيون ٺھن ٿيون. لئي جي وڻ مان کنئور بہ جام ملندو آهي جيڪو ڦڪين ۽ ٻين دوائن ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آهي.
جهنگلي جيوت
سنواريولئي جي وڻ تي جڏھن ڦولهار جي مند ۾ سنهڙن گلن سان ٽمٽار ٿي ڀرجي ويندو آهي تہ ماکيءَ جي مکين لاءِ سنجونِي ٻوٽي وانگر ٿي ويندو آهي.
ان سواءِ لئي جو وڻ سڀني سنڌ جي پکين لاءِ واھيرو ۽ آکيرو آھي.
لئي جي ڪاٺي نرم ٿيندي آهي تنھنڪري هن جا ڏار ڀڄندا ٽٽندا رهندا آهن ۽ پوء انهن ڀڳل ڏارن جي جاء تي قدرتي سوراخ ۽ خال ٺهي پوندا آهن. انهن قدرتي سوراخن کان علاوه هن جي نرم ڪاٺيء ۾ ڪاٺ ڪٺو پکي بہ پنھنجي آکيري لاءِ سوراخ ڪندو رهندو آهي، جنھن ڪري لئي جو وڻ طوطن، چٻرن، ڪاٺ ڪٽن، ڳيرن، ڪٻرين، بلبلن سميت ڪيترن ئي قسمن لاڀائتو آھي.