چِٻرو (انگريزي: True Owl ) جنھن کي عربي ۾ قطاط ، فارسي ۾ سنگ اشڪنگ ، ھندي ۾ سوانا، طبطات، دباسي ۽ باقيرھہ چوندا آهن. چِٻرو ھڪ پکي آھي. هن جو مٿو ويٺل ۽ اکيون وڏيون، ڪن نوڪدار ۽ وڏيرا ٿيندا آهن. پري کان ڏسڻ ۾ ٻِلو پيو معلوم ٿيندو. ٻيا پکي جي کيس ڏسن تہ ڏاڍو ڦانڦوڙيندا آهن، تنهنڪري ڏينهن جو ٻاهر نہ نڪرندو آهي ۽ گوشائتن هنڌن تي وڻن ۾ لِڪيل رهندو آهي. هي ڪم همت آهي. ڪو ماڻهو بہ جيڪڏهن ڪم همت ۽ ماڻهن کان پري اڪيلائي پسند هوندو تہ ٿري چوندا آهن، ”ادا فلاڻو ته چِٻري جهڙو آهي“. هيءُ رات جو ٻاهر نڪري پنهنجو گذران ڪندو آهي. هن کي ٿري نِڀاڳو پکي سمجهندا آهن. رات جو پاڙي ۾ اچي ٻوليو تہ بدسوڻ سمجهن. ڪٿي ٻاهر مسافريءَ تي اُسهڻ وقت بہ رات جو ساڄي پاسي هن جو ٻولڻ بلڪل بدسوڻ سمجهندا آهن[2].

چٻرو
Bubo bubo winter 1.jpg
Territorial call, male, SVK/SK
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Bubo
جنس: Template:Taxonomy/Bubo{. bubo
حياتياتي نالو
Bubo bubo
(Linnaeus, 1758)
Subspecies

See text.

Bubo bubo distribution map.png
Range of Eurasian eagle-owl

جِسامتسنواريو

هن جي جِسامت 21 سينٽي ميٽر يعني 8.3 انچ آهي. هن جو رنگ سُرمائي ناسي ۽ کَنڀن تي اَڇا ٽُٻڪا ۽ پيٽ جا کَنڀ ڌاريدار لڳندا اَٿس. اکيون گول ۽ هيڊيون اَٿس. نر ۽ مادي ٻئي هڪ جھڙا ٿيندا آهن.

رهائشسنواريو

هي عام طور تي ڳوٺن، باغن ۽ ويرانن ۾ وڻن جي پورن ۾ نظر ايندو آهي.

نسل جي واڌ ويجھسنواريو

هي نومبر کان اپريل تائين آنا ڏيندا آهن. 3 کان چار آنا جن جي جسامت 26 کان 30 ملي ميٽر ۽ وزن 11 گرام هوندو آهي. مادي هڪ نر سان پوري عمر نہ گذاريندي آهي ۽ نر مَٽائيندي رهندي آهي. مادي 31 کان 32 ڏينهن آرو ڪندي آهي ڇو تہ آنن لاهڻ ۾ 8 ڏينهن جو فرق ٿي سگھي ٿو. 1 مهيني کانپوءِ ٻَچو آکيرو ڇڏي هليو ويندو آهي.

کاڌ خوراڪسنواريو

هي گوشت خور آهي. هي نوريئڙا، ڪوئا، جيت، ڏيڏر ۽ ننڍا پکي پڻ کائيندو آھي.

چٻري جا قسمسنواريو

نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 چٽڪمرو چٻرو اسپاٽيڊ آئوليٽ ايٿني براما
2 يوريشيائي باز جھڙو ڇٻڙو يوريشين ايگل آئول بوبو بوبو
3 يورويشائي ننڍو گُگھ / چٻرو يوريشين اسڪاپس آئول آٽس اسڪاپس


چٻرو
 
چٻرو
 
چٻرو
سائنسي درجا بندي  
Unrecognized taxon (fix): Athene
جنس: Template:Taxonomy/Athene{. brama
حياتياتي نالو
Athene brama
(Temminck, 1821)
 

طِبسنواريو

ھن پکي جو گوشت گرم خشڪ آھي ۽ دير هضم آھي. هن جو گوشت معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، سدن کي تحليل ڪري ٿو. جلندر، فالـج، وائي بادي وڃائڻ، قوت باھہ وڌائڻ لاءِ مُفيد آهي. هن جو گرم رت اک ۾ وجهجي ته ڦُلي ۽ ڌُنڌ کي فائدو ڪري ٿو، هن جا هڏا ساڙي تِرن جي تيل ۾ ملائي وار چري ۽ گنج تي لائجي، تہ وار تڪڙو پيدا ٿيندا.[4]،

European scops owl
 
سائنسي درجا بندي  
Unrecognized taxon (fix): Otus
جنس: Template:Taxonomy/Otus{. scops
حياتياتي نالو
Otus scops
(Linnaeus, 1758)
 

     Summer      Resident      Winter

حوالاسنواريو

  1. BirdLife International (2016). "Bubo bubo". IUCN Red List of Threatened Species (IUCN) 2016: e.T22688927A86872241. doi:10.2305/IUCN.UK.2016-3.RLTS.T22688927A86872241.en. http://oldredlist.iucnredlist.org/details/22688927/0. Retrieved 1 February 2017. 
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شور ظلمو
  3. بقرة
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. بقرة

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي