قومي شاھراھ 55 يا اين-55، جنھن کي عام طور تي انڊس ھاءِ وي چيو ويندو آھي، پاڪستان جي صوبي سنڌ، پنجاب ۽ سرحد کي منسلڪ ڪرڻ والري ھڪ اھم شاھراھ آھي۔ ان کي سنڌو درياھ جي اوڀارين ڪنارن تي واقع اين-5 تي دٻاءَ کي گھٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي ۽ پشاور جي وچ ۾ مختصر ۽ متبادل رستو اختيار ڪرڻ جي لاءِ ٺاھيو ويو ھو۔ ھن شاھراھ جي تجويز 1980ع ۾ ڏني وئي ۽ ڪم جو آغاز 1981ع ۾ ڪراچي کان ٿيو ۽ 7 سالن کان بعد پشاور ۾ مڪمل ٿي۔

پاڪستان جي سڀ کان وڏي سرنگ ڪوھاٽ سرنگ ھن ئي سڙڪ تي واقع آھي، جنھن تي ڪم جو آغاز 1999ع ۾ ڪيو ويو ۽ تڪميل جون 2003ع ۾ ٿي۔ ھي پشاور ۽ ڪوھاٽ جي وچ ۾ رستي کي مختصر ڪري ٿي، ۽ درۂ ڪوھاٽ واري رستي جي مقابلي ۾ 40 منٽ گھٽ وقت ۾ ٻنھِ شھرن کي پھچي سگھجي ٿو۔

ھن شاھراھ جي ڪل ڊيگھ 1250 ڪلوميٽر آھي۔ شاھراھ جو آغاز ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ کان ٿئي ٿو ۽ گاڏيون بجاءِ حيدرآباد شھر جو رخ ڪرڻ جي سنڌو درياھ عبور ڪرڻ کان پھرين ئي ڪوٽري جو رخ ڪري ٿي۔ بعد ۾ ھي سنڌو درياھ جي اوڀارين ڪنارن سان دادو ۽ لاڙڪاڻي کان ٿيندي شڪارپور کان گزري ٿي ۽ پوءِ پنجاب ۾ داخل ٿي وڃي ٿي جتي ڊيره غازي خان ۽ ميانوالي کان گزرن کان بعد صوبي سرحد ۾ ڊيره اسماعيل خان پھچي ٿي ۽ دره آدم خيل ۽ ڪوھاٽ کان ٿيندي پشاور ۾ اختتام پذير ٿئي ٿي۔

لاڳاپيل مضمون سنواريو

  • قومي شاھراھ 5
  • قومي شاھراھ 10
  • قومي شاھراھ 15
  • قومي شاھراھ 25