قربان خشڪ
قربان خشڪ (انگريزي: Qurban Khushik) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ اردو، سنڌي ٻولي ۽ انگريزي جو ليکڪ ۽ صحافي آھي. سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آهن.
زندگي جو احوال
سنواريوقربان خشڪ جو پورو نالو قربان علي خشڪ آهي. هن 4 فيبروري 1977ع تي ﷲ بخش خشڪ جي گهر ۾ دادو ضلعو جي دادو تعلقو جي ڳوٺ محمد خان خشڪ ۾ جنم ورتو.[1]
تعليم
سنواريوخشڪ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۽ انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[1]
ادب۽ صحافت جي شروعات
سنواريوقربان ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ 1994ع ۾ پير پاتو. هن جا سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ڪيترائي ئي مضمون سنڌ جي معياري اخبارن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيل آهن. خاص طور سندس مضمون روزاني ڊان ڪراچي ۾ شايع ٿيل آهن. صحافي طور پڻ 2000ع کان ڊان اخبار سان لاڳاپيل آهي ۽ ڊان اخبار جو ڏاڍو ضلعي جو رپورٽر آهي. 2007ع ۾ ڊان ٽي وي جو رپورٽر پڻ مقرر ٿيو. 2010ع کان هيرالڊ رسالي ۾ به لکڻ شروع ڪيائين. هيل تائين سندس کوڙ مضمون ۽ ڪالم شايع ٿي چڪا آهن.[1][2][3][4]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-07-12.
- ↑ "Articles by Qurban Ali Khushik | Dawn Journalist | Muck Rack". muckrack.com. حاصل ڪيل 2020-07-12.
- ↑ Zaman, Muhammad Qasim (2020-08-04) (en ۾). Islam in Pakistan: A History. Princeton University Press. ISBN 978-0-691-21073-5. https://books.google.com.pk/books?id=oXTTDwAAQBAJ&pg=PA342&lpg=PA342&dq=qurban+khushik&source=bl&ots=oFXsm9bvgh&sig=ACfU3U19L1t6yF1Li655fZCfvHf7mZs9ag&hl=en&sa=X&ved=2ahUKEwj9qrSYjMfqAhWuz4UKHZ3lDQkQ6AEwBnoECAkQAQ#v=onepage&q=qurban%20khushik&f=false.
- ↑ "News stories for Qurban Ali Khushik - DAWN.COM". www.dawn.com. حاصل ڪيل 2020-07-12.