قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

قديم سنڌ، اُن جا مشهور شھر ۽ ماڻهو (انگريزي: Qadeem Sindh Unaja Mashehur Shahr aeen Manhoon) مرزا قليچ بيگ جو سنڌ جي تاريخ تي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي.ڊاڪٽ غلام محمد لاکو لکي ٿو تہ سنڌ جون اَڪيچار تاريخون جوڙڻ ۽ ترجمن ڪرڻ کانپوءِ مِرزا صاحب سنڌ جي شهرن جي تاريخ ۽ اُنهن شهرن جي مُکيہ ماڻهن جي اِتهاس تي توجھہ ڏنو. مير معصوم پهريون ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ سنڌ جي مشاهيرن تي مُختصر مواد لِکت ۾ ڇڏيو. اُن کانپوءِ مير علي شير قانع ”تُحفة الڪِرام“ ۾ سنڌ جي مُکيہ ماڻهن سان گڏ اڪثر شهرن جو اَحوال بہ لکيو. سال 1874ع ۾ هيوز صاحب ”سنڌ گزيٽيئر“ تيار ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي شهرن جو اَحوال الف- بي موجب ڏنائين. سنڌي زُبان ۾ مِرزا صاحب سڀ کان اَول سنڌ جي شهرن ۽ مشاهيرن تي قلم کنيو. هن ڪم لاءِ پاڻ فارسي ڪتابن کان سواءِ هيوز جي سنڌ گزيٽيئر تان بہ مدد ورتائين. پاڻ هن ڪتاب جو نالو ”سنڌ جا قديم شهر ۽ اُنهن جا مشهور ماڻهو“ رکيو اَٿس. هن ڪتاب ۾ ڪُل 15 باب آهن، جي وري مُختلف حِصن ۽ ڀاڱن ۾ تقسيم ٿيل آهن. شُروعات ۾ مُلتان جو اَحوال آهي ۽ بعد ۾ ٺٽي جو ذڪر ٿيو آهي. ملتان کان وٺي ٺٽي جو ذڪر نون بابن تي مُشتمل آهي. ٺٽي کي ڪُل پنج باب مليا آهن. هنن بابن ۾ شروع ۾ شهرن جي تاريخ ۽ پوءِ اُتان جي مشاهيرن جو اَحوال ڏنل آهي. ڏهون، يارهون ۽ ٻارهون باب، سَمن کان ٽالپرن تائين، مُکيہ اميرن ۽ عملدارن بابت آهي. تيرهون باب وري بہ سنڌ جي قديم شهرن بابت آهي، جن کي الف – بي وار بيان ڪيو ويو آهي. چوڏهين باب ۾ اُنهن قومن جو ذِڪر آهي، جن سنڌ تي حڪومت ڪئي. آخري يعني پندرهون باب، سنڌ جي قديم قومن جي باري ۾ آهي ۽ الف- بي موجب رِٿيل آهي، جنهن ۾ جُدا جُدا مذهبي فِرقا بہ اچي وڃن ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ هر لحاظ کان هن ڪتاب جي اهميت آهي. خاص ڪري شهرن ۽ مَشاهيرن تي لکندي هن ڪتاب تان مدد وٺڻ لازمي ٿيو وڃي. هي ڪتاب صحيح معنىٰ ۾ سنڌ جي تاريخ بابت مِرزا صاحب جو پنهنجو ”اصلوڪو ڪتاب“ آهي. هي ڪتاب لکندي رُڳو ”تُحفة الڪرام“ يا ”سنڌ گزيٽيئر“ تي ڀروسو نه ڪيو ويو آهي، پر اُن مقصد لاءِ شمس العُلماءَ مِرزا قليچ بيگ پنهنجي وسيع مُشاهدي ۽ عيني گواھہ طور بہ ڪيئي اهم نُقطا ۽ ڳالهيون لِکي محفوظ ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ جديد شهرن جو ذڪر بہ آهي، جي مير علي شير قانع کانپوءِ وجود ۾ آيا يا وري ”تُحفة الڪرام“ ۾ اُنهن جو ذڪر نه اچي سگهيو آهي. هي ڪتاب سال 1921ع ۾ تيار ٿيو. مرزا صاحب پاڻ ڪتاب جو نالو اِن رِيت ڏنو آهي، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، نئين سنڌ لئبرري حيدرآباد 1925ع ۾ پَڌرو ڪيو. سال 1966ع ۾ اُن جو نئون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، تڏهن اُن جي آخر ۾ ليکڪ جو هڪ ٻيو مُختصر ڪِتابڙو ”قديم سنڌ جا سِتارا“ بہ اُن ۾ شامل ڪيو ويو. بورڊ واري ايڊيشن جو نالو مِرزا صاحب جي تجويز ڪيل نالي جي اُبتڙ ”قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ رکيو ويو.[1]

قديم سنڌ ، اُن جا مشهور شھر ۽ ماڻھو
مصنف مرزا قليچ بيگ
اصل عنوان قديم سنڌ ، اُن جا مشهور شھر ۽ ماڻھو
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع تاريخ
شخصيات
صنف تاريخ
شايع ڪندڙ نئين سنڌ لائبريري
ڇاپي جي تاريخ
1925

حوالا سنواريو

  1. {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون:" مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}