قديم سنڌ(انگريزي: Ancient Sindh) سنڌ جي تاريخ جو حضرت عيسي جي پيدائش کان اڳ وارو دؤر قديم دؤر سڏجي ٿو. ان دؤر ۾ سنڌ تي موريا شاھي خاندان جي حڪمرانن ۽ سڪندراعظم جي آمد وارو دؤر پڻ شامل آھي. مھاڀارت جو دؤر بہ قديم سنڌ جو حصو آهي.

رام جي سنڌ ۾ آمد جي ڪمزور روايت سنواريو

هندوئن جي مذهبي روايت موجب رام ، سيتا ۽ رام جو ڀاءُ لڪشمڻ، هنگول/ اگورندي (لسٻيلو بلوچستان) جي ڪناري هندوئن جي مذهبي مقدس جاءِ هنگلاج ويندي ڪراچي جي رام باغ ، هاڻوڪو آرام باغ واري جاءِ تي هڪ رات قيام ڪيو هو. هتي هڪ وڏو ميدان ۽ پاڻي جو چشمو هو، انهيءَ چشمي لڳ انهن خيما کوڙيا هئا ۽ جنهن کان پوءِ هتي موجود باغ کي رام جي نالي پٺيان رام باغ سڏيو ويو. رام جو زمانو حضرت عيسيٰ مسیح جي ڄمڻ کان اڳ 2500 سال اڳ جو آهي. اهڙي طرح هي واقعو اڄ کان ساڍا چار هزار سال اڳ جو آهي. رام، سيتا ۽ لڪشمڻ رام باغ واري ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ڪلفٽن واري مهاديو غار ۾ شيو جي مندر ۾ پوڄا ڪئي هئي. جنهن سان انهيءَ مندر ۽ علائقي جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان مندر جو ذڪر رامائڻ ۾ به آهي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکي ٿو ته، ”حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان اڳ سنڌ ۾ ململ جو نفيس ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو، جيڪو ڏورانهن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. مشهور آهي ته قديم مصر جا ماڻهو انهيءَ ڪپڙي سان پنهنجي مُردن لاءِ ڪفن تيار ڪندا هئا. اهو ڪپڙو سنڌ جي مختلف بندرگاهن تان جهاز رستي موڪليو ويندو هو.“ پروفيسر ايڇ. شمسي موجب، عيسوي سن کان چار سئو سال اڳ سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ململ، ايران، بابل ۽ مصر، ڪراچي ۽ ٻين بندرگاهن رستي موڪلي ويندي هئي. [1] [2]

حوالا سنواريو

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، باب: تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر