رامائڻ
رامائڻ(انگريزي: Ramaina) هندو ڌرم جو هڪ مقدس تاريخي ڪتاب آهي[1]. عالم هن تصنيف جو صحيح زمانو مقرر ڪري نه سگهيا آهن. هي ڪتاب مغربي بنگال ۽ بهار جي مذهبي روايتن جو آئينه دار آهي[1]. رامائڻ ۾ ڪل 48000 شعر آهن جن ۾ شري رام جي انهن جنگين جو ذڪر آهي، جيڪي سريلنڪا جي بادشاه راوڻ سان پنهنجي ونيءَ سيتا کي ڇڏائڻ لاءِ وڙهيون هيون[1]. هندو ڌرم جي ڪتاب مھاڀارت جو سنڌي ۾ ترجمو ڏھين صديءَ ۾ ۽ رامائڻ جو سنڌيءَ ترجمو سومرن جي راڄ دؤران يارھين صديءَ ۾ ٿيو هو[1]. خيال آهي ته هي ترجمو ديوناگري رسم الخط ۾ ڪيو ويو هوندو[1].
رامائڻ | |
---|---|
1780 جي پينٽنگ جنھن ۾ رام بنواس دوران پنھنجي زال سيتا۽ ڀاءُ لڇمڻ سان گڏ ڏيکاريل | |
معلومات | |
مذھب | ھندوازم |
ليکڪ | والميڪي |
ٻولي | سنسڪرت |
بيت | 24,000 |