قتل خطا
قتل خطا(انگريزي: Qatl I Khata) قتل جو ھڪ اھڙو قسم آھي جنھن ۾ نيت يا ارادي جو عمل دخل نہ ھوندو آھي. تعزيرات پاڪستان جي مجموعي جي قلم 318 ۾ ھن ڏوھ جي تعريف مطابق " ڪوبہ ماڻھو ، ڪنھن کي مارڻ يا نقصان پھچائڻ جي نيت کانسواءِ، پنھنجي ڪنھن عمل جي غلطي سان يا حقيقت کي سمجھڻ جي غلطي سان، جيڪڏهن ڪنھن کي موت رسائيندو تہ ان کي قتل خطا سڏيو ويندو[1]. ان جو مثال ايئن آھي تہ جيڪڏهن ڪو شخص ھرڻ جو نشانو وٺي بندوق جو فائر ڪري پر ان فائر سان ڀرسان بيٺل ماڻھو کي ماري وجھي تہ اھو فائر ڪندڙ قتل خطا جو ڏوھاري سڏبو. ٻيو مثال ايئن آھي تہ ڪو ماڻھو ڪنھن شئي کي رڇ سمجھي فائر ڪري پر پوء خبر پئي تہ اھو فائر ۾ مرندڙ رڇ نہ پر ماڻھو ھيو تہ فائر ڪندڙ قتل خطا جو ڏوھاري سڏبو[2]. اھو ڏوھ پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ ڪرمنل لا (امينڊمينٽ) ايڪٽ II, 1997ع ذريعي شامل ڪيو ويو. ھن ڏوھ جي سزا قلم 319 پاڪستان پينل ڪوڊ جي تحت ديت آھي. پر جي اھو ڏوھ ڪرڻ ۾ غفلت ۽ لاپرواهي بہ شامل ھجي تہ پوء ديت کان علاوه پنجن سالن تائين قيد جي تعزيري سزا پڻ رکيل آهي[3]. ديت جي سزا لڳڻ بعد جيڪڏهن مجرم ديت جي رقم يڪمشت ادا نه ڪري سگھي تہ ان کي ٽن قسطن ۾ ادائيگي جي سھولت ڏئي سگھجي ٿي[4]. ديت جي رقم ادا نہ ڪري سگھڻ جي ڪري مجرم کي جيل ۾ رکڻ سان فوتي جي خاندان جو ڪو فائدو نہ ٿيندو.ان ڪري مجرم کي ٽن سالن جي ضمانت تي آزاد ڪري سگھجي ٿو تہ جيئن ھو قسطين ۾ رقم جي ادائگي ڪري سگھي[5]. قتل خطا پاڪستان جي ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ تحت پوليس جي ٻڌڻ جوڳو ڏوھ آهي جنھن جي ايف آء آر داخل ٿيندي آهي پر اھو ڏوھ قابل ضمانت آھي.
اسلامي قانون
سنواريوقتل خطا کي قصاص ۽ ديت جي شرعي قانونن جي روشني ۾ ڏوھ قرار ڏنو ويو آهي. قرآن فرمائي ٿو ته:
وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ أَنْ يَقْتُلَ مُؤْمِنًا إِلَّا خَطَأً ۚ وَمَنْ قَتَلَ مُؤْمِنًا خَطَأً فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُؤْمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلَىٰ أَهْلِهِ إِلَّا أَنْ يَصَّدَّقُوا ۚ فَإِنْ كَانَ مِنْ قَوْمٍ عَدُوٍّ لَكُمْ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُؤْمِنَةٍ ۖ وَإِنْ كَانَ مِنْ قَوْمٍ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُمْ مِيثَاقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلَىٰ أَهْلِهِ وَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُؤْمِنَةٍ ۖ فَمَنْ لَمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ تَوْبَةً مِنَ اللَّهِ ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا 92
ترجمو:۽ مؤمنن جو ڪنھن مؤمن کي مارڻ ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نہ جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري تہ (ھڪ تہ) مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪري ۽ (ٻيو تہ) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (تہ انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي دشمنن جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي تہ (رڳو) مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪرڻ لازم آھي ( ۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن اُنھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو معاھدو ٿيل آھي تہ چَٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو (ٻانھو) نہ لھي تہ ٻہ مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪفارو) الله (جي پار) کان توبھ جي (قبول ٿيڻ) لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي— سوره النساء:92
مٿين آيت جو نزول ان وقت ٿيو جڏھن مسلمان مان ڪجهه حقيقي مجبوري جي ڪري اسلام دشمن قبيلن جي وچ ۾ رھيل ھيا ۽ اڪثر اھڙا واقعا پيش اچڻ شروع ٿيا تہ مسلمانن جي ڪنھن دشمن قبيلي تي حملي ڪرڻ وقت غلطي سان ڪو مسلمان مري پوندو ھو جنھن ڪري الله اھو حڪم ڏنو[6]. نبي ﷺ قتل خطا جي خون بھا جو مقدار 100اٺ ، يا 200 ڳئون، يا 2000 ٻڪريون مقرر ڪيون[6]. نبي ﷺ جن جي زماني ۾ نقد خون بھا ۾ 800 دينار، يا 8000 درھم مقرر ھئا[6]. حضرت عمر پنھنجي زماني ۾ فرمايو تہ اٺن جي قيمت وڌي وئي آهي تنھنڪري سونن سڪن مان ھڪ ھزار دينار يا چانديءَ جي سڪن مان 12000 درھم خون بھا ڏياريو وڃي. واضع رھي تہ خون بھا جي اھا رقم قتل عمد لاء نہ ھئي پر قتل خطا لاء ھئي[6]. جيڪڏهن مقتول دارالعرب جو رھاڪو ھوندو تہ قتل خطا جي خون بھا سان گڏ خدا کان پنھجي ڏوھ جي معافي وٺڻ لاء ھڪ غلام بہ آزاد ڪرڻو پوندو [6]. پر جيڪڏهن دارلحرب جو رھاڪو ھوندو تہ صرف غلام آزاد ڪرڻو پوندو ۽ ان جي خون بھا نہ ھوندي[6].
حوالا
سنواريو- ↑ Pakistan Penal Code 1860 section 318
- ↑ Pakistan Penal Code 1860، Illustrations
- ↑ Pakistan Penal Code 1860، Section 319
- ↑ Pakistan Criminal Law Journal، 2001, page 403
- ↑ National Law Reporter, 2002, Shariah Decisions page 40
- ↑ 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 6.5 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 382