ديت : Diyat:

اسلامي قانون ۾ متعارف ڪرايل ھڪ سزا جو قسم جيڪا ھڪ قسم جي مالي سزا آھي ۽ اھا 30630 گرام چاندي جي ملھ جي برابر آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 53 ۾ ڏيکاريل ڏھن سزائن مان ھڪ قسم. ديت ھڪ قسم جو معاوضو آھي . پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 323 ۾ ان جو ملھ ڏنل آهي جنھن مطابق ڪورٽ قرآن مجيد ۾ ڄاڻايل اسلامي تنبيھن (Injunctions of Islam) جي پابندي ڪندي ڏوھاري جي مالي حالت کي نظر ۾ رکندي ديت جي رقم جو تعين ڪندي آهي، ان لاء لازمي شرط (precondition) اھو آھي تہ ان ماليت 30630 گرام چاندي جي ماليت کان گھٽ نہ ھجي. ان لاءِ وفاقي حڪومت سرڪاري گزيٽ ۾ اھڙو نوٽيفڪيشن ھر سال پھرين جولائي يا ڪنھن ٻي موزون تاريخ تي جاري ڪندي آهي جنھن م مٿئين مقدار ۾ چاندي جو ملھ پئسن ۾ ظاھر ڪيو ويندو آھي جيڪو ان مالي سال دوران ديت جو ملھ سمجھيو ويندو آھي. قتل جي راضي نامي ۾ طئي ٿيندڙ بدل صلح ۽ ديت جي سزا ٻہ مختلف عمل آھن . بدل صلح سزا ناھي بلڪ ٻنھي ڌرين جو راضپي سان طئي ڪيل معاوضو آھي تنھنڪري ان ۾ ديت جا مٿيان لازمي شرط لاڳو ناھن ٿيندا.[1] پاڪستان جي وفاقي سرڪار پاران 2014 کان 2015 واري مالي سال جي نوٽيفڪيشن مطابق 30630 گرام چاندي جو ملھ 19.23.843 ھيو.[2]

ديت جي ادائيگي جو قانوني طريقو سنواريو

ديت جي ادائيگي جو قانوني طريقو پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 331، 337X ۽ 337Y ۾ بيان ڪيل آھي جن مطابق سزا ڏيڻ وقت عدالت ڏوھاري کي ديت جي ادائيگي لاءِ ٽن سالن تائين مھلت ڏئي ۽ انھن پئسن جي ادائگي لاءِ قسطن جي سھولت بہ ڏئي . جيڪڏهن مقرر مدي ۾ ديت جي ادائيگي ۾ اھو ناڪام ٿئي تہ کيس ايستائين جيل ۾ رکيو وڃي جيستائين مڪمل ادائيگي نہ ڪري.عدالت کي اختيار آهي تہ ان ڏوھاري کان ديت جي رقم جيتري سيڪيورٽي يا ضامن وٺي کيس ضمانت تي آزاد ڪري تہ جيئن جيل مان اھو نڪري رقم جو بندوبست ڪري يا ڪمائي رقم ادا ڪري سگھي. جيڪڏهن ادائيگي کان اڳ اھو سزا يافتہ ڏوھاري مري وڃي تہ ان جي وصولي سندس ڇڏيل ملڪيت مان ڪئي ويندي.ديت جيڪڏهن راضي نامي جي نتيجي م لاڳو ٿئي ٿي تہ ان جي ملھ جو تعين ان ساڳي مالي سال جي سرڪاري نوٽيفڪيشن تحت ٿيندو جنھن سال ڌرين جي وچ ۾ راضي نامو ٿيو ھجي.[3][4][5] قلم 331 پي.پي.سي. تحت ديت جي ادائيگي يڪمشت يا قسطن ۾ ڪري سگھجي ٿي. قسطن جي صورت ۾ ادائگي جو مدو ٽي سال کان مٿي نہ ھجڻ گھرجي جيڪو مدو عدالت جي فيصلي جي تاريخ کان شروع ٿيندو آهي ۽ ان مدي دوران ڏوھاري کي ضمانت تي آزاد ڪري سگھجي ٿو.[6]

حوالا سنواريو

  1. {Pakistan Legal Decisions 2010 SC 695}
  2. {Notification No.F.8(3)IF-III/1991dated 1-7-2014}
  3. {Pakistan Legal Decisions 2012 SC 769}
  4. {2012 Supreme Court Monthly Review 437}
  5. {1992 Supreme Court Monthly Review 1218}
  6. {2006 Pakistan Criminal Law Journal page 80}