قاسم آباد تعلقو
قاسم آباد تعلقو(انگريزي: Qasimabad Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي حيدرآباد جو ھڪ تعلقو جنھن جو صدر مقام قاسم آباد ٽائون آهي.[1] ھي تعلقو ممتاز علي ڀٽو جي نگران وزير اعلیٰ واري سنڌ جي نگران حڪومت دوران قائم ٿيو. اڳ ۾ ھي تعلقو لطيف آباد تعلقي جو حصو ھيو. ھن تعلقي ۾ حيدرآباد ضلعي جا وڏا اسڪول: بيڪن ھائوس، سينٽ بوناوينچر ، سٽي اسڪول ، بحريہ فائونڊيشن اسڪول موجود آهن. ان کان علاوه سنڌ ميوزيم، شمس العلماءُ علامه دائود پوٽو لائبريري، عيد گاھ، راڻي باغ، سنڌ لينگويج اٿارٽي جي مرڪزي آفيس، ٽيڪنيڪل ڪاليج، راجپوتانہ اسپتال، سئي سدرن ريجنل آفيس، نياز اسٽيڊيم، حيدرآباد ڪلب، گورنمينٽ تعلقہ اسپتال وغيره واقع آهي.
قاسم آباد تعلقو | |
---|---|
تعلقو | |
Qasimabad Taluka | |
قاسم آباد ۾ واقع بادشاھي مسجد لاھور جي طرز تي ٺھيل عيد گاھ جا مينار | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | حيدرآباد ضلعو |
حڪومت | |
• چيئرمين ، ميونسپلٽي | ڪاشف شورو (پ پ پ ) |
آبادي (1998) | |
• ڪاٿو
|
650,000 |
انتظاميا
سنواريوقاسم آباد تعلقو انتظامي طور تي چئن يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي - قاسم آباد شهر اِن جو هيڊڪوارٽر (صدر مقام) آهي[1].
قاسم آباد جون يونين ڪاؤنسلون
سنواريوديھون
سنواريوقاسم آباد تعلقي ۾ ڪل چار ديھون واقع آهن.
# | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | ڄامشورو | 2 | مرزاپور | 3 | ساري | 4 | شاھ بخاري |
حوالا
سنواريو
ھي سنڌ مڪانيت مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |